20 جمعو , آڪٽوبر 2017

عالمي سياست جا ڀوڳ ۽ قيدي مکيه منتري

علي محمد ميمڻ

دلچسپ خبر منظر عام تي آئي آهي ته آمريڪا جو مشهور صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد سعودي عرب جو دورو ڪرڻ وارو آهي ۽ ان دوري دوران هو نه صرف اتان جي حڪومت سان ڪيترائي معاهدا ڪندو پر سعودي عرب جي گاديء واري شهر رياض ۾ اسلام بابت خاص خطاب پڻ ڪندو. جنهن ۾ هو اسلام جي ديني موضوع  “اسلام جي امن پسندي واري رخ” تي روشني وجهندو ۽ پنهنجي مسلمان اتحادين کي اهو يقين پڻ ڏياريندو ته آمريڪا کين اڪيلو نه ڇڏيندو. ان موقعي تي خليجي ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  خاص دعوت ۾ پڻ شريڪ ٿيندو.  آمريڪي صدر قومي سلامتي جي صلاحڪار ايڇ آرمڪ ماسٽر جي  پڌرائي موجب هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته آمريڪا، دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ سعودي عرب جي خدمتن جو قدر دان آهي ۽ انهن کي ساراهي ٿو.

ٻي خبر موجب آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل سان ڪيل واعدي موجب يروشلم ۾آمريڪا جو سفارتخانو کولڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي، جنوري ۾ چونڊن کٽڻ کانپوءِ هو پنهنجي ملڪ جو سفارتخانو تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪرڻ واري پنهنجي واعدي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ خاموش مهم تي آهي، چيو وڃي ٿو ته وچ اوڀر امن معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ هو جيڪو ڪجهه ضروري سمجهي ٿو، سو ڪرڻ گهري ٿو، هو ان معاملي ۾ تمام محتاط آهي، ته اهو فيصلو امن ڪرائڻ واري عمل تي ڪهڙا اثر وجهندو، آمريڪا جي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن اها ڳالهه ٽرمپ جي وچ اوڀر جي دوري کان ڪجهه ڏينهن اڳ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌائي.

بيشڪ!  آمريڪابهادر جي اڌ صدي کان مٿي عرصي دوران ايران ، عراق، افغانستان ، ليبيا، شام، فلسطين، يمن، ترڪي ، لبنان ، اسانجي ملڪ پاڪستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ اسلام جي ڪيل خدمتن کان ته اسين چڱيء طرح واقف آهيون.  جتي آمريڪا کي انتهائي مشهور خطابن ۽ نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هاڻي جيئن ئي آمريڪا جو نئون صدر علامه ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾ آيو آهي ته هن پنهنجي  قوم ۽ ساٿارين سان ڪيل وچن موجب دنيا ۾ پنهنجي علم جي تبليغ ڪرڻ لاءِ  ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا آهن.

هن اهو ضروري سمجهيو ته سڀ کان پهرين دنيا جي ستن اسلامي ملڪن جي ماڻهن کي سندس ديدار ڪرڻ لاءِ آمريڪا اچڻ تي بندش وڌي وڃي ته هو تڪليف نه ڪن، خرچ بچائين ۽ پنهنجي ملڪن ۾ئي رهن. ڇاڪاڻ جو هو پاڻ پنهنجو ديدار ڪرائڻ ۽ کين دين ۽ ايمان جا درس  مفت ڏيڻ  لاءِ پاڻ بندوبست ڪري رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته آمريڪا جي  عدالت سندس جذبي جي پٺڀرائي نه ڪئي ۽ سندس  ان لڳايل پابندي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.

اهڙي ريت هڪ در بند ٿيو ته ڇا ؟ خير… صدر ڊونلڊ ٽرمپ،  جلد  ئي ٻيو رستو ڳولي لڌو ۽ اسلامي ملڪ افغانستان تي پاڻ کان به گهڻو وڏو ايٽمي بم جو تحفو، خاص بمبار جهاز  ۾ آڻي پنهنجي خرچ تي اڇلايو. اسان کي ياد آهي ته ان پيار واري تحفي جو نالو اوهان ”سمورن بمن جي ماءُ“ ٻڌايو هو. يعني اوهان مهربانن طرفان”افغان مسلمانن لاءِ موڪليل امڙ جو پيار“ بيشڪ اوهان مان دنيا جي مسلمانن کي هميشه اهڙيون ئي امر محبتون ملنديون رهيون آهن ۽ هاڻي ته خاص عنايتن جو دور آهي، ان لاءِ آمريڪا جو چونڊيل نئون گهوٽ ، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، وڏا وڙ ڪري پاڻ مسلمانن جي مرڪز تي خاص مهمان ٿي اچي رهيو آهي. جتي هو عالم اسلام جي اڪابرن ۽ ملڪن جي سربراهن کي اسلام جي خاص نقطن تي سمجهاڻي ڏيندو، اميد ته عرب سڳورن کي پڻ گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو ۽ سرهائي محسوس ڪندا .

ٻئي پاسي علامه ٽرمپ جون مرادون پڻ پوريون ٿينديون جو سندس آمريڪي مدرسي جي  درس ٻڌڻ لاءِ هڪ ئي وقت ۽ هڪ جاء تي ايڏي وڏي تعداد ۾محترم ۽ جيد ملندا. ان ڪاميابي بعد يقينن آمريڪا جي اميد موجب فلسطين تي هٿ صاف ڪرڻ لاءِ طاقت ۽ توانائي جوڀن تي پهچي چڪي هوندي ۽ پوءِ پنهنجي اسرائيل جي فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو اسرائيل ۾ کوليل سفارتخانو اڳتي وڌائي فلسطينين جي شهر يروشلم  ۾ منتقل ڪري ان کي اسرائيل جي ملڪيت مڃرائڻ جو وجهه پڻ ملي ويندو، يعني ” اهو واعدو ئي ڪهڙو جو وفا نه ڪجي“.

قيامت جي نشانين ۾هڪ هيءَ خبر پڻ شامل آهي ته، هندستان ۾دهلي جي تهاڙ جيل ۾ڏوهه جي سزا ڪاٽيندڙ 82 ورهين جي هرياڻا رياست جي  اڳوڻي وزير اعلي اوم پرڪاش چوٽالا جيل ۾ ٻارهين درجي جو امتحان پاس ڪيو آهي. ان قصي ۾ مزيدار ڳالهه هي آهي ته هو چار ڀيرا هرياڻا رياست جو مکيه منتري يا وزير اعلي ٿي رهيو آهي، هو اتان جي  سياسي جماعت انڊين نيشنل لوڪ دل جو اڳواڻ ۽ هندستان جي سابق ڊپٽي وزير اعظم ديوي لال جو فرزند ارجمند آهي.کيس سندس حڪومت ۾  1999ع ۽ 2000ع  جي عرصي ۾3206 استادن  جي ڀرتي ۾54 ٻين ساٿارين سميت جعلسازي ڪرڻ تي عدالت طرفان ڏوهاري قرار ڏيئي، قيد جي سزا ٻڌائي،کين جيل اماڻيو ويو هو. جتي هو پنهنجي قيد جي  سزا ڪاٽي رهيا آهن. قيدي اوم پرڪاش چوٽالا جي پٽ اڀي چوٽالا، پنهنجي پيءُ جي  وقت سر پڙهائي ڏانهن لاڙي بابت چيو ته سندس پيءُ پنهنجي جيل جي وقت کي بامعني بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن ڪري هو روزانو جيل جي لائبريري ويندو آهي ۽ اتي هو دنيا جي عظيم سياستدانن جي باري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو آهي.

واهه سائين واهه! سياستدان هجن ته اهڙا، بلڪل خانداني گهراڻو آهي، هندستان جي اڳوڻي نائب وزيراعظم جي سدا بهار سياستدان جو فرزند اوم پرڪاش چوٽالا، جنهن کي چار ڀيرا هرياڻا جو مکيه منتري يا وڏو وزير ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ پنهنجي عوام يا پرجا جي خدمت ۾ ڏينهن ۽ راتيون، ايترو ته هڪ ڪيائين جو پنهنجي تعليم به مڪمل نه ڪري سگهيو. پنهنجي جواني ۽ جوالا مکيءَ جا جوڀن ڏينهڙا، سيوا ڪندي، اهڙي ريت ڪتب آياجو پوري حياتي، واريءَ جي مٺ وانگر هٿان هلي ويئي.

آخري وقت ۾ ڀڳوان ڀلو ڪري اتان جي عدالتن ۽ ججن جو جن کڻي هن عاجز سياستڪار تي رحم ڪيو ۽ سندن انيڪ خدمتن کي سوئيڪار ڪندي يا مڃتا ڏيندي، سندس ڪجهه سال آرام ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو.  ان ڪري هو اڄ انهي قابل ٿيو آهي، جو پنهنجو ڌيان،گيان ۾ لڳائي سگهي. ٻئي پاسي قيدي مکيه منتري پڻ عدالت جي فيصلي کي قبولي يقينن وڏا وڙ ڪيا هوندا، جو هو ان قيد ۽ بند ۾ رهڻ جي تڪليف ڪري، دنيا جي عظيم سياستدانن جي ڪتابن مان اهو گهڻو ڪجهه سکي ۽ پرائي سگهندو، جنهن کان محروم رهجي وڃڻ ڪري هن کي وري اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پيئي آهي ……  دير آيد درست آيد، يعني .. جيتري دير اوترو خير.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلسفي جي ڪهاڻي

وقار راهمون فلسفو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ علم يا ڏاهپ سان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي