24 آچر , سيپٽمبر 2017

سنڌي گرامر تي بحث

آفتاب ابڙو

بدقسمتيءَ سان سنڌي گرامر بنهه نڌڻڪائي واري پد تي پهتل آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چند ماڻهو بچيا آهن،جيڪي سنڌي گرامر کي سمجهن ٿا. ورهين کان پوءِ ڪو اهڙو موقعو ملندو آهي، جو سنڌي گرامر تي ڪو مضمون/ مقالو اخبار/ رسالي ۾ پڙهڻ لاءِ ملندو آهي.

سنڌي گرامر جي حوالي سان منهنجي ذاتي راءِ اها آهي، ته هن وقت تائين جن به عالمن سنڌي گرامر تي ڪم ڪيو آهي، اهو بنهه اوتارو آهي. ڪن عربي- فارسي گرامر (صرف نحو) جي قاعدن مطابق سنڌي ٻوليءَ جو ڇيد ڪيو آهي ته ڪن وري سنسڪرت جي اصولن کي سامهون رکي، سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ جي وضاحت ڪئي آهي. انهن مانوارن محققن ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، واحد بخش شيخ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي وغيره شامل آهن. اهڙن ويچارن جو اظهار آءٌ اڳ به ڪيترا ڀيرا ڪري چڪو آهيان. ساڳئي وقت آءٌ اها به راءِ رکان ٿو ته محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا، ميڊم فهميده حسين، راقم  ۽ ٻين ڪن عالمن جو بورڊ  جوڙي، سنڌي ٻوليءَ جي سِٽاءَ، جوڙجڪ ۽ مڪاني محاوري مطابق نئين سر ويچار ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪو گرامر جوڙيو وڃي.

تازو، عوامي آواز ۾، جديد انداز مطابق “سنڌي گرامر” بابت تفصيلي/قسط وار مقالا ڏسي دل هرکي پئي ته ڪو ماڻهو سجاڳ ٿيو آهي، جو سائنسي ۽ جدلياتي انداز ۾ سنڌي گرامر جو ڇيد ڪري ڄاڻي ٿو. سو مضمون پڙهڻ کان سواءِ نالي ۾ نهال ٿي، صفحي جي انچارج دوست زرار پيرزادي کي فون ڪئي ته مانواري محقق پريم مٿراڻي جو فون نمبر ڏيو. سائين دير نه ڪئي ۽ نمبر ڏياري موڪليو جيڪو دبئي جو هو. سو ماٺ ڪري، مٿراڻي صاحب سان ڳالهائڻ بجاءِ سندس مضمون پڙهيم. تاڪ لڳي ويا!

مشهور روايت آهي ته تعليم کاتي جي هڪ ٽيم ڳوٺ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ رايا پئي ورتا، جڏهن ڳوٺ ۾ پهتا ته هڪ همراهه بوسڪيءَ جي قميص ۽ پٽڪو پاتل کين مليو. معتبر سمجهي ساڻس حال احوال ڪرڻ لڳا. جڏهن کانئس نالو پڇيائون ته هن وراڻيو “وڏيرو جوسب خان” سو نالو ٻڌي همراهن کڻي ماٺ ڪئي.

مون جو سائين پريم جو مضمون پڙهيو ته ان جو عنوان هو “فعل ۽ حرف جر جي بنياد ۽ مها اڏاوت” اصولن مون کي ماٺ ڪرڻ گهربي هئي، جنهن عالم کي اها خبر نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ “بنياد” مذڪر آهي يا مونث، ان تي ويهي ڇا ڳالهائجي! گذريل ٻئي مضمون نه ته گرامر بابت آهن، نه وري انهن جو سنڌي ٻولي سان ڪو واسطو آهي. آءٌ انتهائي ذميواري سان عرض ڪيان ٿو ته اول ته اهي مضمون سمجهڻ ته پري رهيو پر پڙهڻ ۾ به اوکا آهن. منجهن ڪو ربط ضبط ڪونهي. مثلاً: مٿراڻي صاحب “حرف جر” جي باري ۾ وڏي تفصيل سان لکيو آهي. جنهن جو نقطي وار ڇيد ڪرڻ اسان جي وس ۾ نه آهي. اهڙي ڳالهه مونکي ميڊم فهميده حسين پڻ ٻڌائي ته انهن مضمونن پڙهڻ مان کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ هن اهي مضمون پڙهڻ ئي بند ڪري ڇڏيا آهن.

مٿراڻي صاحب لکي ٿو:

”حرف جر جي حقيقي مها اڏاوتي بيهڪ“

سنڌي ٻوليءَ ۾ ‘حرف جر’ اسم، يا ضمير پويان اچي جملي جي جوڙجڪ واضح ڪندو آهي. جيئن ته انگريزي ٻولي ۾ اهو اسم ۽ ضمير جي اڳيان ايندو آهي، ان ڪري، ان کي Pre Position ۽ سنڌي ۾ جيئن ته اسم/ ضمير کان پوءِ اچي ٿو ته انکي Post Position چوندا آهن. محترم مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب “حرف جر اهو لفظ آهي، جو اسم يا ضمير سان گڏ اچي ٿو ۽ انهي جو ڪنهن ٻئي اسم يا ضمير سان واسطو يا نسبت ڏيکاري ٿو.” (سنڌي ويا ڪرڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٽيون 2006ع ص: 210) عام طور: کي، ۾، تي، ڏانهن وغيره حرف ’جر‘ ليکيا ويندا آهن. ان کان وڌيڪ حرف جر جي ڪا وصف ۽ وضاحت نه آهي.

مٿراڻي صاحب “حقيقي مها اڏاوتي بيهڪ” الائجي ڪٿان آندي آهي؟ ته ڇا حرف جر هڪڙا حقيقي ۽ ٻيا غيرحقيقي ٿيندا آهن؟ انهن جي اڏاوت يا مها اڏاوت به ٿيندي آهي؟ اها مها اڏاوت ڇا آهي؟ اڏاوت ۽ بيهڪ مان مٿراڻي صاحب ڪهڙو مطلب وٺي ٿو؟؟ سادي ترڪيب، مطابق “حرف جر جي جملي ۾ بيهڪ” ٿيندو.

حرف جر جي وضاحت لاءِ پريم صاحب هيٺين ترڪيب ڏني آهي.

حرف جي حقيقي مها اڏاوتي بيهڪ

  1. شروعات (Inception)

(a) مڪان: فاصلو (Distance)

(b) زمان: دورانيو  (Duration)

  1. اختتام (Completion

(a) مڪان: منزل (Path)

(b) زمان: واقعو (Event)

حرف جر جو حقيقي بنياد (Base) سان لاڳاپو

مٿراڻي صاحب کان ڪو پڇي ته ادا، حرف جر جي شروعات، مڪان: فاصلو، زمان: دورانيو، اختتام وري مڪان: منزل (Path) زمان: واقعو. اهي ڪهڙيون بلائون آهن، ان جا مثال ته ڏيو. آخر اهو ڪهڙو گرامر آهي، جنهن ۾ وضاحت يا مثال نه هجن. حرف جر (مثال مَٿي اچي چڪا آهن). انهن جي شروعات، اختتام ڪيئن ٿيندو؟ زمان ۽ مڪان ته “ظرف” جي وضاحت ڪن ٿا. هي اسان کي ڇا ٿا سمجهايو؟ Time & Space جي وضاحت اوهان حرف جر سان ٿا ڪريو؟ مٿراڻي صاحب اصل ۾ فزڪس جو ڪو ڪتاب ترجمو ڪيو آهي ۽ پڙهڻ کان سواءِ ئي عوامي آواز ڏانهن موڪليو آهي ۽ اخبار جي انتظاميا پڻ بنا پڙهڻ جي OK ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌي سماج ۾ هڪ سٺو تصور (Image) رکندڙ اخبار جي به ذميواري آهي ته مضمون شايع ڪرڻ کان اڳ، ان کي پڙهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪوبه پهلو تحقيقي، علمي، ادبي، اخلاقي هجي ته پوءِ شايع ڪجي، مهرباني ڪري مٿراڻي صاحب کان مٿيان سوال پڇي، وضاحت طور کائنس پڇيو ته فعل جو Laws of motion سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ۽ حرف جر جي Super Structure of Preposition ڪهڙي آهي؟ کيس چئو ته هو هر هڪ وضاحت لاءِ لازمي طور ڪونه ڪو مثال ڏئي، مثالن کان سواءِ مضمون نه هلڻ گهرجن. اهڙن مضمونن پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ جو اڳيون نور به چٽ ٿي ويندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ نوڪرين جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟

آغا نور محمد پٺاڻ مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته هو نوڪري جيِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي