22 بدھ , نومبر 2017

رحمت پيرزادو جي ڪتاب ”دلين جا داخلي رستا“ جو اڀياس

مير محمد پيرزادو

                         هڪڙو زمانو هو ته آءُ پنهنجي ڊيوٽي ڏئي منجهند جي ماني کائي هر روز ٽيپ رڪارڊر ۽ خالي ڪيسٽون کڻي نواب شاهه قاضي فيض محمد جي جڳهه تي وڃي ساڻس راڳ بابت ڪچهري ڪندو هوس ۽ ان دوران اگر پاڻ ڪجهه ڳائي ٻڌائيندو هو ته آءٌ ٽيپ ڪري ايندو هوس. هڪ ڏهاڙي ڪچهريءَ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نڪتي جو مون چيو ته؛ “سائين! اهڙو ڪم ڪجي، جنهن ۾ ماڻهو آئيندي ياد ڪيو وڃي.” تنهن تي قاضي فيض محمد صاحب مون سان مخاطب ٿيندي پڇيو ته؛ ”مُهين جي دڙي مان مليل ننڊاکيءَ ناچڻيءَ جو مجسمو جنهن ٺاهيو هو، ان جو نالو اچيئي ٿو؟” آءُ خاموش ٿي ويس ۽ چيم ته؛ “ سائين نه” جنهن تي چيائين ته “دنيا ڀر ۾ ان مجسمي کي بهترين مجسمو ڪري مڃيو ويو آهي، پر ان جي ٺاهيندڙ جو نالو ڪنهن کي به ياد ناهي، ان ڪري اصل ڳالهه اها آهي ته هيءَ ڪائنات هڪ ڌنڌلو ڪئنواس آهي، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جا رنگ ڀريندو وڃي ٿو ۽ آخر ۾ هر ڪو اهو حساب ڏئي ٿو ته هُن پنهنجي حصي جا رنگ ڀريا يا نه!” تڏهن مون اياز جو هي شعر پڙهي ٻڌايس:

آ دهشت   جا  درياهه  اندر، ڪنهن  ڏينهن  قيامت  ٿي  ويندي،

تون،  مان  ته  رڳو  هن  سنڌوءَ  تي ڪا لهر  اُڀاري  وينداسين.

سو ان ڌنڌلي ڪئنواس تي رنگ ڀرڻ کي فنون لطيفه چئبو آهي، جنهن ۾ سنگتراشي، مجسمي سازي، چترڪاري ۽ ادب اچي وڃن ٿا. ان مان ادب وڌيڪ اهميت لهڻي ٿو. جنهن ۾ تحقيق، مضمون نويسي، ڪهاڻي لکڻ ۽ ناول وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته شاعري پڻ ان جو هڪ شاندار حصو آهي.

شاعري جذبن ۽ احساسن جي لفظن رستي اظهار جو نالو آهي. جذبا ۽ احساس وڻن ٽڻن ۾، گلن ٻوٽن ۾، ڍور ڍڳن ۽ پکي پکڻ ۾ به ٿين ٿا. پر انسان، ادراڪ ٻوليءَ ۽ صورتخطين جي ڪري جذبن ۽ احساسن کي تمام گھڻن طريقن سان اظهاري سگهن ٿا. شاعري “الف _ اُشِباءَ” جي زماني کان وٺي، ويندي اڄ ڏينهن تائين جيڪا ترقي ڪئي آهي سا ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي. هتان جا پنهنجا نمونا، ٻاهران آيل نمونا جيڪي به جهڙوڪر هتان جا ئي ٿي ويا آهن عام جام ڇپجي ميدان تي اچن پيا ۽ ايندا رهندا.

اڄ جيئن ته اسان جي اڳيان جنهن دوست جو شاعريءَ جو ڪتاب زيرِ بحث ٿيڻو آهي، سو آهي رحمت الله “رحمت” پيرزادو. هن جا پنج _ڇهه شعري مجموعا ڇپجي پڌرا ٿي ۽ سنڌي ادب ۾ جوڳي حيثيت ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. توڻي جو رحمت الله پيرزادي جو پيءُ توڙي ڏاڏو پڻ شاعر آهن پر پوءِ به هُنَ جي ان ڏس ۾ ڪيل محنت ۽ جانفشانيءَ کي جس ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. سندس مطالعو ۽ مشاهدو سندس شاعريءَ جي سٽ سٽ مان ظاهر آهي. توڙي جو سندس نثر به اعليٰ قسم جو وڻندڙ ۽ سِيلائتو آهي، پر پوءِ به سندس ادبي سڃاڻپ بحيثيت هڪ شاعر جي آهي، سندس شعري مجموعو “ دلين جا داخلي رستا ” ڇپيندڙ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي (سيپٽمبر  2015 ) آهي. هن ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ وايون آهن. ڪجهه ڇهه _ سٽا ۽ سانيٽ پڻ ان ۾ اچي ٿو.

جيڪڏهن ڳالهه عشق جي آ ته پوءِ سر جو سانگو ڪرڻو نه پوندو، ڇو ته عشق به ڪجي ۽ سر جو ڀي سوچجي ته اهي ٻه گدرا مُٺِ ۾ نه ايندا. جنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي ته “ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾” پنهنجي ان ڪلاسيڪيت سان ناتو ڳنڍيندي رحمت الله سندس هڪ نظم ۾ اِجهو هيئن ٿو چوي؛

“ ڪنڀارڻ  ذات  جي سهڻي،

گهڙيءَ جو گهاءُ بڻجي وَئي!

پَڪا،  جن   ڀي  پئي  ڳوليا،

اُهي  پُٺتي   وَيُون   رهجي!”                   (صفحو 19)

جيستائين ڪنهن تشبيهه جي استعمال جو سوال آهي ته اها اڻ ورجايل، نئين ۽ ماحول جي پوري پوري عڪاسي به ڪندڙ هجي. ماحول جدائيءَ ڏيڻ وارو آهي ته اهو اگر ڪنهن ڏٺو هوندو ته ڀلي ٿر ۾ ڪيڏو به ڏڪار ڇو نه پوي پر واريءَ جي ڀٽن تي ٿوهر جو سائو ٻوٽو پوءِ به ڦٽل نظر ايندو جنهن لاءِ اهو سوڪهڙي يا جدائيءَ جي علامت پيو باسندو آهي. ان کي هي پنهنجي استعمال هيٺ اجهو هيئن پيو آڻي:

دل جي ته ريگزار ۾ ٻيو ڪجهه نه ٿو ڦٽي،

اهڙو  هو  دل  ۾  درد جو ٿوهر هڻي ويو. ( صفحو: 23 )

جڏهن انور پيرزادي جو پٽ زبير وفات ڪري ويو ۽ مان ساڻس تعزيت ڪرڻ ويس ته انور چيو ته “مير محمد! اولاد  ڄڻي ۽ ماءُ ۽ پيءُ کي مري وڃڻ کپي ڇو ته اولاد جو ڏک سهڻ کان گھڻو آهي.” هتي هن ڪتاب ۾ نظم آهي “ ماءُ ” ان ۾ ان جي ٻارڙي کي ٿيلسيميا جي بيماري ٿئي ٿي. جنهن لاءِ رحمت پنهنجي ان شعر ۾ چيو آهي ته “گلاب جي گلن کي ٿيلسيميا  ڇو ٿيندي آهي.” ان نظم ۾ اڳتي هلي ۽ چوي ٿو ته؛

“ ماءُ، هر ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ،

مَري ڇو نه ٿي وڃي؟؟……”              (صفحو 26 )

اسان جي غلاماڻي سماج ۾ هڪ ٻئي لاءِ ساڙُ، حسد ۽ بغض ڏاڍو هوندو آهي. ڪا اوڙي پاڙي جي ڇوڪري پنهنجي بود ۾ ڀرجي ، ٽهڪ ڏئي ٽڙندي ته فورن ان تي الزام هڻي کيس مايوس ڪيو ويندو آهي. ڏسون ته ڀائو رحمت ان لاءِ هن ڪتاب ۾ ڇا ٿو چوي؛

“ ٽهڪن جي ڪنوارپ ،

سماج جي ڏاڍائي  جو،

شڪار  ٿي وڃي ٿي!”             (صفحو 27)

شاعر جو جيئن ته اوجاڳن سان پيار هوندو آهي ان لاءِ يا ته پاڻ سگريٽ جو سهارو وٺندو آهي يا ڪنهن ٻئي سگريٽ پيئندڙ شاعر يا صحافيءَ رستي ان سان گڏ هوندو آهي. پر هن ڪتاب ۾ رحمت جنهن سگريٽ جي مضر پاسي کي بيان ڪيو آهي ڪاش اسين سڀ ايئن محسوس ڪرڻ لڳون ته هوند الائي ڪيترين بيمارين کان بچي پئون؛

“ ڪڏهن      سگريٽ      کي،

صحافي      ٿو         ڇِڪي،

ڪڏهن صحافيءَ کي سگريٽ!”                 (صفحو 27)

هوائون فطري آهن، انهن کان ڪجهه به لڪائي نه ٿو سگهجي ۽ ايتري تائين ته هوائون پردي پوش عورتن کي به ڀاڪر پائينديون وتنديون آهن؛

“ هوائون  خوش  نصيب   آهن،

ڇُهَن جي انگ ٿيون تنهنجا!” (صفحو 35)

۽ ڪنهن پياري لاءِ اک مان ڳاڙيل ڳوڙها ، ان درد کي ساڻ کنيون ايندا آهن ۽ هوا انهن کي چُوهي، پاڻ ۾ تحليل ڪري گويا ان سموري درد جو ذائقو محسوس ڪندي آهي ۽ ان کان لطف اندوز پڻ ٿيندي آهي؛

“ اکين  ۾  لڙڪ   ڳالهائن ،

هوائون خوش نصيب آهن!”        (صفحو 37)

ماڻهو لالچ ۽ خود غرضيءَ ۾ الاجي ڪيڏو هيٺ ڪرندا رهن ٿا. ڏٺو اهو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو لالچ ۽ حرس ۾ اچي ڪڌو ڪم ڪري ويهندا آهن تن کي اها لالچ واري شئي به نه ملندي آهي ۽ هو مفت ۾ خوار خراب ٿيندا آهن، پر انهن جي عيوض وري نيڪي به قرباني ڏيڻ واري ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. سنڌ جو هڪ لوڪ داستان آهي. “سورٺ ۽ راءِ ڏياج” جنهن تي شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ به سندس شاعريءَ جو هڪ ، “سُر سورٺ ” ڏنو آهي، ان ۾ راءِ ڏياج بادشاهه جي سِر وٺڻ جو ڪم ساز وڄائيندڙ “ ٻيجل” تي رکيو ويو ته اهو ڪم ڪري ڏي ته تو کي بادشاهي ڏيان. هن ساز رستي اهو ڪم ڪري وڌو. جنهن تي هن ڪتاب ۾ هڪ نظم آهي جنهن ۾ رحمت چوي ٿو ته ان سڄي ڊرامي ۾ سورٺ وڌوا بڻجي غمگين ٿي وئي، ٻيجل کي ڪجهه به نه مليو سواءِ ندامت جي. پر موسيقيءَ جي فن تي سر جي قرباني ڏئي راءِ ڏياج تاريخ ۾ امر بڻجي ويو. سندس نظم جي هيٺ ڏنل سٽ ۾ حوالي طور ڏسو؛

“ راجا ته مري، پوءِ به مري ڪين سگهيو آ!”    (صفحو 39)

هڪ هنڌ چوي ٿو ته           “ بي وفائي تنهنجو شاعر،

چنڊ  ۾  ڳولي رهيو آ !

درد جون ٽيڙيون لڪيرون!   ( صفحو 40)

چنڊ جيڪو رات جو گڏجي، بنا موڪلائي صبح جو غائب ٿيو وڃي ۽ وري مهيني جي 29 تاريخ تي به غائب ٿيو وڃي. ان لاءِ شاعر پنهنجي محبوب جي ائين غائب ٿيڻ تي چنڊ سان ڀيٽيو آهي.

اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته پکيءَ کي اڏامڻ لاءِ ٻئي پر گهرجن ۽ عشق جي پکيءَ کي اُڏار لاءِ عاشق ۽ معشوق ٻئي کپن؛

“ هُن کان سواءِ نه مون کان اَڌُوري اڏار ٿئي،

هُو ڄڻ ڪٽي پکيءَ جا ٻئي پَرَ ڇڏي وئي! ”                    (صفحو 41)

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شاعر اڳيان ڪو متاثر ڪرڻ جهڙو نظارو به نه هوندو آهي پر هو پنهنجي شاعريءَ جي داءُ پيچ رستي ان ۾ به نظارو گهڙي ويندو آهي. ڪامڻين ۽ ڪُنِيائن جي عام رواجي چرپر کي اهڙو ته رنگ لڳائيندو آهي، جو پڙهندڙ جو من چاهيندو ته جيڪر اتي مان به هجان هان؛

“ وڻ وڻ تي جي وار پيون ڪن،

ڪنڌ پيون سي ڇانگهون، ڇاڻن،

خاموشيءَ  ۾  ساز  وڄن  پيا،

ڳاڙهي رڻ  ۾  مور  مرن  پيا!                  (صفحو 45)

اهڙيءَ طرح مومل ۽ راڻي جي ڪلاسيڪل داستان کي پڻ هڪ ڊگهي نظم ۾ آندو اٿس. پر انهن لاءِ ٻولي جچندڙ سُونهندڙ ۽ تُزُ ڪم آندي اٿس. اچو ته ان نظم جي سٽن کي ۽ سندس ڪم آندل ٻوليءَ کي به ڏسون؛

راڻي جي رسڻ تي؛ “راڻو هڪڙو ماڻو هو ڄڻ،

نيٺ ٽري ويو ٽاڻو هو ڄڻ!               (صفحو 46)

مومل جي ڏاگهه چڙهڻ تي چيل بند.

پنهنجي    هُوءَ    سمادي     ساڙي،

ڄڻ  ته  وَئِي  هيءَ   وادِي   ساڙي!         (صفحو 47)

خواب امانتون هوندا آهن، جيڪي نسل در نسل منتقل ٿيندا رهندا آهن. جيستائين وڃي اهي ساڀيا ماڻن اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه وقت کان اهڙن ارڏن ۽ اڻ موٽ جوڌن نوجوانن کي ڌاڙيلن جيان کنڀي کنيو ويندو هو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سندن چچريل لاش ملندا هئا. انهن کنڀي کڻندڙن کي شاعر ٻڌائي ٿو ته اهي لاش ڀلي لاوارث ڇو نه هجن پر انهن جي ذهنن جا خواب لاوارث نه آهن پر اهي پنهنجي وارثن ڏي منتقل ٿيندا رهن ٿا؛

“ محبت  جا   قيدي  خواب

محبوب    جي    اکين    ۾

امانت جيان رکيل هوندا آهن

خواب،  چچريل  لاشن  جيان

لاوارث     ناهن      هوندا! ”                  (صحفو 48)

سنڌي ٻهراڙين ۾ اڃا به اهو رواج آهي ته ننڍيون ڇوڪريون وڏيون ٿي وڃن ته انهن کي منهن اگهاڙي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا آهن. ان عمل کي سَتُرَ ۾ ويهارڻ چئبو آهي. جن جو ٻالجتيءَ کان راندين ۾ پيار ٿي ويندو آهي، تن لاءِ اها رسم ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. هن ڪتاب جي هڪ شعر ۾ پڻ ان جو ذڪر آهي . اچو ته ڏسون؛

تو کي مون کان ڇني ۽

واڙي سماج ڇڏيو.

ڄڻ پيار جي پلن کي،

ساڙي سماج ڇڏيو!                         (صفحو 50)

هن ڪتاب جي 51 ۽ 52 صفحي تي جيڪو نظم آهي ان ۾ فرد جي بي وسي ۽ پيار ۾ سٺل تڪليفن جو بنا ڪنهن سڌي سئين اظهار جي جنهن فنڪاراڻي نموني ۾ اظهار ڪيو ويو آهي، اهو اعليٰ قسم جو شاعراڻو انداز آهي. 51 صفحي وارين ½ 2 سٽن ۾ اچي ٿو ته ؛ “ تنهنجي پرک ڪرڻ جو آءٌ هڪ منفرد زاويو آهيان، پر اوپرائپ جي ڏاڪڻ تان چڙهي ان کي پڄي سگهجي نه ٿو. ”

“ آءٌ جيڪو ،

تو کي سوچڻ  جو انوکو زاويو  هان،

اوپرائپ جي ڊگهي ڏاڪڻ چڙهان ٿو! ”                 (صفحو 51)

52 صفحي واري نظم ۾ شاعر کليو اعتراف ڪيو آهي ته آءٌ پنهنجي ان عشق ۾ ڌوڪي جي ور چڙهي ويس ان لاءِ هاڻ ان جو ڇيد ڪهڙو ڪريان. ان کان ته ان ڌوڪي کي قبول ڪري وٺان پر افسوس ته اِهو آهي ته هاڻ منهنجي مجبوريءَ جو غلط فائدو وٺندي، اهو ڌوڪو مون کي قبول نه ٿو ڪري.

“ هاڻ  آءٌ  بي  وسيءَ   جي  انت  تي،

ڇيد بيهي زندگيءَ جو  ڇا   ڪريان؟!

مون  ته   دوکي  کي   قبولي  آ  وتو،

پر نه دوکي آ ڪيو مون کي  قبول!!             (صفحو 52 )

جيئن عام طور تي چئبو آهي ته “ هوءَ ڇوڪري جوڀن جي ان ڪڙيءَ تي پهتي آهي، جو هوءَ جڏهن برٿَ سان ڀريل چولو پائي هلي ٿي ته ان کي شهر جا سڀ ماڻهو گھُوري ڏسڻ لاءِ مجبور ٿيو ٿا پَوَنِ. پر شاعر ان ڳالهه کي ڏسو ته ڪيئن فنڪاراڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو؛

“ هوءَ چوليءَ جي چٽن تي،

شهر جي ماڻهن  سڀن جا،

نيڻ   ٽاڪي   ٿي   هلي !           (صفحو 56)

شيخ اياز جي غزل جي سٽ آهي؛

“ سا واٽ ، واٽ ناهي، جا آ سڌي سَنواٽي. ”

هوئين به چوندا آهن ته عام مروج رستن تي ته هر ڪو هلي پر ڪمال ته اهو آهي نيون راهون گهڙجن جن تان ٻيا به لنگهن ان ۾ راهه ڏسيندڙ جي عزت آهي. رحمت الله پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ غزل جو ٿلهه آهي ته ؛

“ خلا ۾ ناوَ آ پنهنجي ، ندي اڳ ايئن وهي ناهي،

هلون پيا واٽ اهڙيءَ تي، اڃا جيڪا ٺهي ناهي!”                (صفحو 58)

وڻ نه ڪو ڪراڙو يا پوڙهو ٿيندو آهي، پر موسم جي اچڻ سان ئي انهن ۾ گل ڦٽي پوندا آهن. ان لاءِ وڻ جي ڪنهن وهيءَ تي پهچڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي. اچو ڏسون ته شاعر ڪيئن پکين کي آسمان سان گفتگو ڪندي ڏيکاري ٿو ۽ گلن کي موسم اچڻ سان ڦٽل ڏيکاري ٿو؛

“ پکي ٻولي پيا ٿا ڪن گگن سان گفتگو پنهنجي،

ڦٽن ٿا ڦول موسم ۾، وڻن جي ڪا وَهي ناهي!”                 (صفحو 58)

اڄ ڪلهه “ اي ميل ” جو دور آهي. ان ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجي شوق جون شيون محفوظ ڪيو پيو ڏسندو آهي. ان دور ۾ اگر ڪنهن ٻار جي رکيل اي ميل هٿ ڪري ۽ ڏسبي ته بقول هن ڪتاب جي ليکڪ شاعر جي ته ؛

“ ڦول،  خوشبوءِ، رنگ ۽ پوپٽ هئا،

مون پڙهيا هڪ ٻار جي اي ميل ۾!”           (صفحو 59)

“ کوڙا ڀڃڻ ” رڳو هي کوڙا نه آهن جيڪي اسڪول ۾ شاگرد کي سمجهايا ، سيکاريا ۽ ياد ڪرايا ويندا آهن، پر ڪنهن به مخفي يا لڪل راز کي ڳولڻو هوندو آهي ته چئبو آهي ته ان لڪل ڳالهه لاءِ ڪو کوڙو هڻي ان جو مطلب سمجهاءِ . ان ڳالهه کي هن ڪتاب ۾ شاعر اِجهو هيئن لکيو آهي ته؛

“ ڏِيَنِ ٿيون نينڍ نيڻن سان،

ڀڃو کوڙا پَهاڙِيُنِ جا __! ”                       (صفحو 60)

جنهن به ماڻهو جو سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ پڙهڻ سان واسطو هوندو اهو يقينن قوم پرست هوندو ان راءِ مطابق هن ڪتاب جو ليکڪ پڻ سنڌ جي تاريخ ، جاگرافيءَ، ريتن رسمن ۽ ٻين پيداواري ذريعن جي اپٽار ڪئي آهي. سندس مشهور نظم “ دنيا جي تختي تان ڪڏهين ڏاهر جو آواز نه مرندو.” پڻ هن مجموعي ۾ آهي ته لڪيءَ ۽ کير ٿر وارن جبلن جو به ذڪر اچي ٿو. ان ڏس ۾ سندس شعرن مان ڏسون ته هن ڇا ڇا چيو آهي؛

“ تاريخن   مان   اک   تڪي  ٿي،

جيڪا سڀ ڪنهن کي پرکي ٿي،

سنڌڙيءَ جي اتهاس  منجهان ئي،

ڪنهن به  نظير جو ناز نه مرندو،

دنيا   جي  تختي   تان  ڪڏهين،

ڏاهر    جو    آواز   نه   مرندو !                          (صفحو 62)

يا

لڪي ۽ کيرٿر سنڌ کي ،

ٻئي  لوڙها  پهاڙن   جا!                           (صفحو 60)

اهڙو ئي هڪ نظم آهي ته؛

“ مُردا  مرندا   آهن   ساٿي!

دولهه  ڪڏهين مرندا ناهن!

هوشوءَ جي آ هاڪ سلامت،

هيمون   زندهه  رهندا  آهن!                        (صفحو 61)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور روڊ حادثو ۽ ذميوار ڪير …؟

اڪبر بخاري دنيا جي وجود کان هن وقت تائين خوفناڪ ۽ دردن سان ڀريل واقعن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے