22 بدھ , نومبر 2017

تاريخ جو ادراڪ

عرفان منان

                         تاريخ حال، ماضي ۽ مستقبل جي درسني آھي، تاريخ معاشري جو اصلي روپ ۽ رنگ آھي،تاريخ اھو آئينو آھي جنھن ۾ سماج جو حقيقي چھرو ظاهر ٿيندو آھي، تاريخ جي درستگي سماج جي درستگي آھي،تاريخ جي تميز بذات خود پنھنجي وجود جي تميز آھي،۽ تاريخ جي ترتيب يا سھيڙ پنھنجي پنھنجي وطن،قوم،۽ خطي جي ترتيب آھي،اوائلي واقعن جو احوال،اھڙو علم جيڪو نج  تحقيق تي قائم ھجي،گذريل سمورين وارتائن جي يادداشت،ماضي جي ھر پل،لمحي ۽ ساعت جي درست نشاندھي ڪرڻ،ڪنھن به دور جو تعين ڪري سچايون گڏ ڪرڻ،ڳالهين،واقعن جي پاتال ۾ ٽٻي ھڻي سچائي جا موتي ۽ ھيرا ھٿ ڪرڻ ،مٿي بيان ڪيل ڪجھه نقطا لفظ تاريخ جو مطلب۽ مفھوم آھن.

تاريخ پنھنجي ڪک مان ڪروڙين زمانن، تھذيبن، تقافتن،۽ تمدن کي ڄڻيو آھي، انھن جي بھتر پالنا ۽ پرورش ڪئي آھي، اُھي سندس اکين آڏو ننڍا ٿي وڏا ٿيا آھن، ھن کي انھن جي مزاجن، روين، سلوڪن، خوبين، خصلتن، طبيعتن، گُڻن ۽ اوگُڻن جي پرک آھي، اُھو سچ آھي ته تاريخ تخليقار ۽ ڄڻيندڙ آھي، ھُو ازل کان ابد تائين زندھ رھڻي آھي، ھن جي عمر دراز آھي، تاريخ کي موت ناھي ايندو، اُھا لکين واقعن ۽ ڳالهين کي پنھنجي پيٽ ۾ پاليون ويٺي آھي، ضرورت پوڻ تي انھن کي پيدا ڪندي آھي، ھن جي ڪک سدائين سائي آھي،تاريخ سُنڍ ناھي ٿيڻي،  غارن ۾ حياتي جا لکين لمحا گذاريندڙ اوائلي لوڪن کان وٺي پولار ۾ پرواز ڪندڙ اڄ جي انسانن تائين تاريخ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي، ھن جي جيون ۾ جھاتي پائڻ کانپوءِ اُھو پتو پئجي ٿو ته تاريخ پنھنجو ڪم ڪھڙن ڏکين مرحلن مان گُذري ڪيو آھي، اربين کربين انساني تھذيبن جا عڪس، نقش ۽ اولڙا اسان کي ان جي مٿي تي تاج جيان نمايان نظر ايندا، انسان جي ابتدائي ارتقا ڪڏھن ۽ ڪيئن ٿي؟؟؟ انسان ڪھڙن پيچيده حالتن مان گُذري موجوده شڪل ۾ ڪيئن پھتو آھي؟؟؟ اھڙي طرح ھر شئي جو سربستو احوال اسانکي تاريخ جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ئي معلوم ٿيندو، تاريخ ھڪ اھم موضوع آھي، جنھن سان روءِ زمين جي قومن، تھذيبن، جو عروج ۽ زوال سلھاڙيل آھي، تاريخ جو در کولڻ سان اسانکي آڳاٽين لوڪن جي رھڻي ڪھڻي جي سُڌ پوي ٿي، دنيا جي مختلف قومن، قبيلن،گروھن، جي ذاتي، مذھبي، نسلي، قبيلائي، سياسي، ۽ اخلاقي قدرن جي پروڙ پوي ٿي،

تاريخ پنھنجي قيام کان وٺي ڊگھا، اوکا، ۽ ورن وڪڙن وارا پنڌ ڪيا آھن، پٻن سان پنڌ ڪندي ھن جي پيرن ۾ ڪروڙين ڪنڊا ۽ ڪاوا لڳا آھن، ھُو پنھنجي نازڪ ۽ نفيس پيرن مان رت جون ٺينڍيون وھائيندي اڳتي وڌندي رھي ٿي، روءِ زمين جي تاريخ جو تقابلي جائزو لھڻ کانپوءِ اُھا ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ھر دور ۽ زماني ۾ تاريخ کي سوليءَ تي لٽڪايو ويو آھي، ھن جو ڪنڌ تلوارن سان لاٿو ويو آھي، کيس چوکنڀو ٻڌي باھ جي شعلن جي سپرد ڪيو ويو آھي، ڪڏھن ھن جون ٻئي اکيون نيزن جي نوڪ سان ڪڍيون ويون آھن، ھن جو ڌڙ سر کان ڌار ڪيو ويو آھي، ھن کي ڪنڌ ۾ ڦاھي جا ڦندا وجھي پٿريلن پيچرن تي گھليو ويو آھي، ھن کي سدائين دار جي دڳ تي اُگھاڙي پيرين پنڌ ڪرايو ويو آھي، ۽ ھن جو چھرو چچريو ۽ چولو چيھاڙون ٿيو آھي، ھن گھاون مٿان گھاو برداشت ڪيا آھن، تاريخ جي تاريڪ رستن تي ٿورڙي نظر وجھڻ کانپوءِ اسانکي ھزارين معصومن جون آھُون، دانھُون، سُڏڪا، واڪا، سسڪيون. التجائون، پٽڪا ۽ پاڄارا چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ايندا، تاريخ جي ورقن مان ڪروڙين انسانن جي ناحق وھايل رت جي بونءِ ايندي رھي ٿي، ۽ اسين پنھنجو نڪ ڌپ کان بچڻ لاءِ بند ڪري ڇڏيون ٿا، تاريخ جا اُھي ڀيانڪ منظر اسانجي آڏو ٽانڊن تي رقص ڪندا رھن ٿا، بقول ڪنھن شاعر جي ته:

راھُون رتو ڇاڻ،

تاريخ جي خوني موڙ تي،

بيٺا آھيو پاڻ.

ايترين عقوبتن ھُوندي تاريخ پنھنجي پيچري تان انچ به پري ناھي ٿي، اُھا ڪٿي به ڪو پل ناھي بيٺي،لھو ۾ لت پت ٿيندي پنڌ جاري رکندي پئي اچي، اُھا تاريخ جي بيباڪي ۽ جرئتمندي آھي جنھن کان ڪو به اھل دانش انڪار نٿو ڪري سگھي.

چيو ويندو  آھي ته شين جا ٻه پاسا ۽ پھلو ٿيندا آھن، انھن ٻنھي پاسن کي جاچڻ ۽ پرکڻ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ته ڪھڙو پاسو سچو ۽  وزن وارو آھي، ڪھڙو پھلو نج حقيقتن، سچاين تي مشتمل آھي؟؟؟ ۽ وري ڪھڙو پاسو ڪوڙو ۽ ھلڪو آھي ان ۾ ڪيترو وڌاءُ ٿيل آھي؟؟؟ ايئن ئي تاريخ جا به ٻه  پاسا ٿين ٿا، ھڪڙو درٻاري تاريخ ۽ ٻي سچي تاريخ، اچو ته انھن ٻنھي پاسن جي چڱي طرح طور ۽ ماپ ڪري صحيح نتيجو ڪڍو.

درٻاري تاريخ

ھي تاريخ وظيفي خور محققن پنھنجي آقائن کان وظيفا وٺي لکي آھي، ذھن ۽ ضمير فروش تاريخدانن ڏوڪڙن، ھيرن، جواهرن، جي ڀريل مٺين عيوض قوم، وطن، ۽ پاڻ سان غداري ڪري آقائن جي ڪوڙي ساراھ ۽ ثناگوئي ڪئي آھي، اھڙو ڪوجھو ڪم ڪندي انھن کي پنھنجي ضمير چھنڊڙي به نه ھنئي، پر جن جو ذھن زنگيل ھُجي انھن تي ڪھڙي معيار!!! راجائن، بادشاھن ۽ مھاراجائن جي درٻار ۾ گورک ڪرت ڪندڙ وظيفي خور مورخن پنھنجي زھريلي ذھنن مان مدد وٺندي وقت ۽ زمانن جي سڀني قاتلن، صفاڪن،  انسان جو خون پيئندڙ وحشين کي عوام دوست ۽ ھيرو پيش ڪيو آھي، ۽ وطن، قوم، عوام دوست پنھنجي وطن جي سرحدي حدن جي رکوالي ڪندڙن کي غدارن جي لقبن سان نوازيو آھي، تاريخ ۾ ھر دوري جي دلال تاريخدانن پنھنجي منھن تي ڪارنھن ملڻ جو ڪم ڪيو آھي، اھڙي قسم جي نام نھاد تاريخ جو ھر اکر، لفظ، جملو، سٽ، ڳالهه، باب، ڪتاب، ۽ شُجرو ڪوڙو ۽ نقلي آھي، اھڙي قسم جو مواد رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائڻ جھڙو آھي،تاريخ جو اُھو ھڪڙو پاسو ھُيو جيڪو بيان ڪري آياسين.

سچي تاريخ

چيو ويندو آھي ته تاريخ ڪنھن جو ذري ۽ تر جيترو پورھيو ناھي وڃائيندي، تاريخ صحيح انصاف ڪندڙ آھي، تاريخ کي ڪوڙ ڳالههائڻ جي عادت ناھي، تاريخ ايماندار ۽ سچار آھي، ۽ ايوب کوسي جي بقول ته: تاريخ رشوت خور ناھي.

ھر دور ۽ زماني ۾ ايماندار ۽ خوددار مورخن وڏي بيباڪي، دليري، ۽ سچائي سان صحيح تاريخ تحرير ڪئي آھي، انھن ھر ان ماڻھو جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن جو ھن سماج ۾ ٿورو ۽ بھتر ڪردار ادا ڪيل آھي، انھن پوري دنيا جي حقيقي ھيرن، اڙٻنگن جي بھادري ۽ ڪيل عملن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ سونھري اکرن ۾ لکيو آھي، انھن رھزنن کي رھزن،  قاتلن کي قاتل، مظلومن کي مظلوم ۽ غدارن کي غدار لکيو آھي، تاريخ جو اُھو صحيح دڳ ۽ پيچرو آھي جنھن تي محب وطن، محققن پنھنجي قلم کي پنڌ ڪرايو آھي، تاريخ جو اُھو پاسو وڏي جفاڪشي سان تحرير ڪيو ويو آھي.

ھتي غور ڪرڻ جي ڳالهه اُھا آھي ته لکڻ وارو قلم ھڪ ۽ ساڳيو آھي پر ان کي ڪم آڻڻ وارا  ذھن الڳ ۽ جدا آھن، ھڪڙو ذھن درٻاري ۽ وظيفي خور آھي، جيڪو پنھنجي انفرادي مفادن خاطر  پنھنجي ضمير کي چند ڏوڪڙن تي وڪڻي عوام کان حقيقتون لڳائي ڪوڙ تي ٻڌل ڳالههيون پيش ڪري پنھنجي پگھار جي پائي پائي حلال ڪندو رھي ٿو،  ۽ ٻيو ذھن عوام دوست پنھنجو پاڻ سان انصاف ڪندڙ آھي، جيڪو انفرادي مفادن کي لت ھڻي اجتمائي مفادن کي ڳلي لڳائي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ضمير اڳيان سوڀارو ٿئي ٿو، سچيون ۽ کريون ڳالهيون پيش ڪري پنھنجي قلم جي ساک بحال ڪري ٿو، ھاڻي پڙھندڙ ئي اُھو فيصلو ڪندا ته تاريخ جو ڪھڙو پاسو سچو ۽ ڪھڙو پاسو ڪوڙو آھي؟؟؟  درٻاري لکت کي تاريخ چوڻ تاريخ جي توھين آھي، درٻاري مورخن کي مورخ چوڻ حقيقي مورخن سان ناانصافي ٿيندي، سچي تاريخ اُھا آھي جيڪا بنا لالچ، لوڀ، خوف، خطري، ۽ دٻاءَ جي لکي وڃي، ھن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سچي تاريخ قلمبند ڪئي وڃي، ان جي وسيلي اسانجو ايندڙ نسل سچائي جي دروازي کي آساني سان کولي سگھندو، ان کي صحيح ۽ غلط جي تميز ٿي ويندي، پر جيڪڏھن ڪوڙي ۽ درٻاري تاريخ درج ڪئي وئي ۽ پڙھائي وئي ته پوءِ اسان جو نسل اونداھي غارن ۾ ڪري پوندو جتان ان جو نڪرڻ مشڪل ۽ محال ٿي ويندو.

اچو ته تاريخ جي درست دڳ تي پنھنجا پٻ رکي ھلون، اصلي تاريخ لکت ڪري پنھنجي نسلن کي اونداھي راھُن مان ٻاھر ڪڍي چانڊوڪي جي چارن تي ھلڻ سيکاريون، ۽ اچو ته تاريخ ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري باشعور ھُجڻ جي ڳالهه کي سچو ثابت ڪيون، ۽ تاريخ جا ڏوھي ٿيڻ کان بچي وڃون، آخر ۾ ھن عظيم لفظن سان پنھنجي ڳالهه جي پڄاڻي ڪنداسين ته:

تاريخ جي ورقن ۾ آڪسيجن موجود ناھي، پر پوءِ به ماڻھو پنھنجي مثبت ڪردار جي ڪري تاريخ جي ورقن ۾ جاويد رھندا آھن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور روڊ حادثو ۽ ذميوار ڪير …؟

اڪبر بخاري دنيا جي وجود کان هن وقت تائين خوفناڪ ۽ دردن سان ڀريل واقعن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے