17 آچر , ڊسمبر 2017

عوامي آواز : تربت واقعو رياستي چال به ٿي سگهي ٿي، اي پي سي گهرائي وڃي : خالق جوڻيجو/ امان الله شيخ | پروگرام : اڄ جو سوال

بلوچ قومي تحريڪ ۾ اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي هميشه سنڌين کي پنهنجو دشمن سمجھن ٿا

قومپرستي ۽ نسل پرستي ۾ فرق آهي، تربت ۾ سنڌين جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا: جسم چيئرمين

سنڌ بلوچستان ۽ سرائڪي بيلٽ جا ماڻهو ماريا وڃن ٿا، بلوچ اڳواڻن جي خالي بيانن سان ڪم نه هلندو: اي جي پي جو صدر

ڪراچي (رپورٽر)اسان تربت ۾ سنڌين جي قتل واري معاملي جي مذمت ڪيون ٿا، بلوچ قومي تحريڪ ۾ اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي هميشه سنڌين کي پنهنجو دشمن ۽ پاڻ کان ڪمتر سمجھن ٿا. ڪجهه ماڻهو ته سنڌين جي علائقن تي دعويٰ به ڪندا آيا آهن، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو جو عوامي آواز جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ذوالفقار واهوچو سان خيالن جو اظهار. هن چيو ته جڏهن رياست سان ويڙهه ۾ پڄي ناهي سگهبو ته عام ماڻهن کي ماريو ويندو آهي، اهو به ممڪن آهي رياستي ادارا ٻنهي صوبن جي اتحاد ٽوڙڻ لاءِ ائين ڪندا هجن، هنن واقعن کانپوءِ بلوچن جي مذمت ۾ سنڌ ۾ به آواز اٿي رهيا آهن، ته اُتي پنهنجي صوبي ۾ واپس هليا وڃن، هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌين جي تاريخي لاڳاپن تي پهريون ڌڪ ڀٽو صاحب جي دور حڪومت ۾ ڪرايل آپريشن ۽ بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ڊاهڻ سان لڳو. هن چيو ته قومپرستي ۽ نسل پرستي ۾ فرق آهي نسل پرستي جو جواب نسل پرستي ناهي. بلوچ پنهنجي قومپرست سياست کي نقصان ڏئي رهيا آهن، سنڌ ۾ به ڪيترن سالن کان نسلي بنيادن تي سياست ٿي آهي. نسلي تنظيمن کي پيپلزپارٽي ۽ قومپرست ڌرين جا اڳواڻ هٿي ڏئي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم نسل پرستي جي سياست ڪئي بدلي ۾ اسان جي سنڌين جواب ۾ نسل پرستي ڪئي. نقصان ۽ تباهي سنڌ جي ٿي. بلوچ قومپرست پارٽين کي چٽو موقف وٺڻ گهرجي. اڳ ڪٿي ڪن سنڌي اخبارن ۾ حاصل خان بزنجو طرفان معافي وٺڻ لکيل آهي، پر انگريزي اخبارن ۾ اهڙي ڳالهه جو ذڪر ناهي صرف مذمت لکيل آهي، پروگرام ۾ ٽيلي فون تي ڳالهائيندي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر امان الله شيخ چيو ته اسان وٽ سياست محدوديت جو شڪار آهي، قومپرست ۽ ترقي پسند بحران جو شڪار آهن. انهن ۾ نسل پرستي جا جيوڙا  آهن، هر ڪوئي پنهنجي حلقي تائين محدود آهي، هن وقت سنڌ بلوچستان ۽ سرائڪي بيلٽ جا ماڻهو ماريا وڃن ٿا، بلوچ قومپرست تحريڪ قبائليت ۽ جاگيرداريت جي شڪار آهي، انقلاب جڏهن هاڪاري نه هوندو آهي ته تشدد طرف ويندو آهي، رياست به ڏنڊي جو جواب ڏيندي ۽ هٿيار جو جواب هٿيار سان ڏئي رهي آهي، سماجي عدم مساوات جي ڪري دهشتگردي ۽ مذهبي تحريڪون جنم وٺن ٿيون.  هن چيو ته بلوچستان جون نيشنلسٽ پارٽيون نسل پرستي واري سياست ڪري رهيون آهن بلوچ نيشنلسٽ پارٽي سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ شائونزم کي هٿي ڏئي رهي آهي، سنڌ جون سياسي ڌريون قومپرست سول سوسائٽي روشن خيال آهن پر بلوچ سياست نسل پرستي ۽ قبائليت واري آهي، هاڻي بلوچ اڳواڻن جي خالي بيانن سان ڪم نه هلندو. آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. بلوچستان جي نمائنده پارٽي به ويهي مسئلي جو حل ٻڌائي، مسئلن جو سياسي حل ڳوليو وڃڻ گهرجي. هر مسئلي جو  حل ٽيبل تي ويهي نڪرندو. رياست سڀني کي ڏنڊي جي زور تي هڪلي رهي آهي صوبن کي حق نٿا ڏنا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلسطين سان ٿيندڙ ذيادتين تي مسلمان ملڪن جي خاموشي | پروگرام : عالمي منظر

عوامي آواز | پاڪستان چائنا اقتصادي راهداري | پروگرام : عالمي منظر | ميزبان: مرتضيٰ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے