26 جمعو , مئي 2017

”مهرالنساءِ وي لب يو“  فلم جو پهريون ٽريلر جاري

09

ڪراچي(شوبز نيوز) ياسر نواز جي فلم” مهرالنساءِ وي لب يو“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته فلم رومانس کان سواءِ هڪ مضبوط ڪهاڻي کي به پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فلم ۾ دانش تيمور ۽ثناءَ جاويد مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا، فلم جي ڪهاڻي ڇوڪرو ڇوڪري جو گڏ هئڻ ئي نه پر شادي کان پوءِ هڪ ٻئي لاءِ صحيح ۽ غلط جو انتخاب ڪرڻ به آهي، جيئن ته فلم جي ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو ته دانش تيمور پنهنجي ٻار جي پرورش لاءِ فڪرمند آهي ۽ هو ان کي اهڙي ماحول ۾ نٿو رکڻ چاهي جتي هنن پاڻ تربيت حاصل ڪئي آهي، هاڻي ان کي پنهنجي پيءُ جي خلاف وڃڻو پو ندو يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ٿي ويندا، جڏهن ته هي فلم ڏسڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي.ٽريلر ۾ ان پيغام سان گڏوگڏ رومانٽڪ منظر ۽ ڪاميڊي پڻ پيش ڪئي وئي آهي، فلم جي هدايتڪار ياسر نواز پنهنجي هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته ان فلم ۾ برنس روڊ جي هڪ جهلڪ پيش ڪرڻ لاءِ اسان شاندار سيٽ پڻ تيار ڪيو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سيٽ هوندو. جيئن ته ڪجهه عرصو اڳ ان فلم جو ٽيزر به ريليز ڪيو ويو هئو، جنهن جي رومانوي منظرن فلم کي ڪاميڊي کان گهڻو رومانوي پش ڪيو، ان فلم ۾ دانش تيمور ۽ ثناءَ جاويد کان سواءِ جاويد شيخ ۽ نيئر اعجاز به اهم ڪردار ۾ نظر ايندا. فلم ”مهرالنساءِ وي لب يو“ هلندڙ سال عيدالفطر جي موقعي تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

shilpa

شلپا شيٽي جو پاڪستاني ڊزائينر لاءِ فوٽو شوٽ

لنڊن (شوبز نيوز) ڇا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فلمن ۽ موسيقي کانپوءِ هاڻي فيشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي