25 آچر , جون 2017

ٽائيٽينڪ جو هيرو هڪ ڀيرو ٻيهر عشق ۾ ناڪام

08

ڪيليفورنيا (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور فلم ”ٽائيٽينڪ “ کان نالو ڪمائيندڙ اداڪار ليورنارڊي ڊي کيپرويو ۽ 25 سالا ماڊل گرل نينا اگڏل هڪ ٻئي جا رستا جدا ڪري ڇڏيا، هالي ووڊ هي 1997 ۾ ريليز ٿيڻ واري فلم ”ٽائيٽينڪ “ مان شهرت حاصل ڪرڻ واري اداڪار ليو نارڊي ڊي کيپرو پنهنجي معاشن جي حوالي سان به شهرت رکندو آهي، جڏهن ته برازيل جي سپر ماڊل جسل پنجن کان به 5 سال تائين ڊگهو عرصو معاشقو رهيو جنهن جي ناڪامي کان پوءِ هن روان سال ماڊل گرل کان قربتون  وڌيون پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ليو نارڊو محبت ۾ ناڪامي جو شڪار ٿي ويو، پرڏيهي ميديا موجب هالي ووڊ اسٽار ليو نارڊو ڊي کيپرپو ۽ 25 سالا ماڊل گرل نينا اگڏل کي گذريل هفتي رياست ڪيليفورنيا جي سياحتي مقام ماليبو ۾ گڏ نظر ڏٺو ويو هو، پر اچانڪ ٻنهي سختاختلافن سبب عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻنهي جو معاشقو هڪ سال تائين جاري رهيو آهي، ۽ هاڻي ان جي عليحدگي جي تصديق ويجهن دوستن به ڪري ڇڏي آهي،     واضح رهي ته اداڪار ليو نارڊي ڊي کيپرو کي فلم ”ٽائي ٽينڪ “ کان شهرن ماڻي هئي، جنهن کان پوءِ هن ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جو جوهر ڏيکاريو ۽ اها نه فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ آسڪر به پنهنجي نالي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”سلطان“ کي چين ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بهترين ايڪشن فلم جو ايوارڊ ڏنو ويو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم ’’سلطان‘‘ 2016  جي انتهائي ڪامياب …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي