17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

ڪانز ميلي ۾ دپيڪا پڊڪون جلوا ڏيکاري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

07

بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا دپيڪا پڊڪون هلندڙ سال منعقد ٿيندڙ ڪانز فيسٽيول ۾ ڊيبيو ڪري پنهنجي بهترين انداز سان سڀني کي متاثر ڪيو. جڏهن ته اداڪارا هن ميلي ۾ هلندڙ مهيني 17 ۽ 18 مئي تي جلوا ڏيکاريا، ان دوران گن ٻنهي ڏينهن ڪانز جي ريڊ ڪارپٽ تي واڪ سان گڏ ڪيترائي ايونٽس ۽ پريس ميٽس ۾ به شرڪت ڪئي، جيئن ته دپيڪا پڊڪون جو ڪانز ۾ ڊيبيو سبب هر ڪنهن جي نظر سندس فيشن ۽ اسٽائل تي هئي، هن فرانس وڃڻ وقت ڊيزائنر البرٽا فريٽي جو ڊيزائن ڪيل لباس پاتو ۽ ان دوران هو تمام گهڻي خوبصورت لڳي پئي. جڏهن ته اداڪارا ڪانز جي پهرين ڏينهن ٽي لُڪس ڏيکاريا، پهرين لُڪس لاءِ هن ڊيزائنر جوهن اورٽز جو ڳاڙهي رنگ جو گائون پاتو، پنهنجي ٻئي انداز لاءِ اداڪارا گيلون لنڊن برانڊ مان لباس جو انتخاب ڪيو، دپيڪا ڪانز ريڊ ڪارپٽ تي ڊيبيو دوران مرچسا برانڊ جي ڄمو ڪلر جو گائون پاتو، جنهن کي ڄاري جي ڪپڙي مان تيار ڪيو هو، اداڪارا ڪانز ۾ پنهنجي ٻئين ۽ آخري ڏينهن جو آغاز ڦڪي ڪلر جي لباس سان ڪيو، جنهن کان پوءِ هن ميڊيا سيشن لاءِ گلابي ڪلر جي لباس جو انتخاب ڪيو. دپيڪا ڪانز ريڊ ڪارپٽ جي ٻئين ڏينهن ڊيزائنر برينڊن ميڪسول جو تيار ڪيل سائي ڪلر جو گائون پاتو، جنهن ۾ هوءَ خوبصورت ۽ منفرد نظر اچي رهي هئي، جڏهن ته دپيڪا پڊڪون پنهنجي شاندار انداز سان تمام فيشن انڊسٽري کي ڪافي متاثر پڻ ڪيو، دپيڪا کان پوءِ ڪانز ريڊ ڪارپٽ تي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن 19 ۽ 20 مئي تي جڏهن ته سونم ڪپور 21 ۽ 22 مئي تي جلوا گر ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ نظر ايندي. ڀارتي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي