23 اربع , آگسٽ 2017

نوابشاهه: شهيد فهيم فاروق عباسي جي ورسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالحميد مميڻ چيو آهي ته شهيد فهيم فاروق عباسي کي 18 سالن جي عمر ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ هتان جي انتظاميا اڃان تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي سندس جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

نواب شاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهيد فهيم فاروق عباسي جي 24 ورسي ملهائي وئي.

سڪرنڊ روڊ ريگل چوڪ تي جلسي کي خطاب هن چيو ته ڀارت مان آيل مهاجرن کي سنڌين جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ان جو نتيجو اڄ اهو آهي، جو هُو اسان جي ڪارڪنن کي ماري رهيا آهن،

 هن چيو ته گوادر ۾ 9 مزودرن سنڌين کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو آهي ،جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ بلوچستان انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪيون ته هن واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته گوادر ۾ شهيد ٿيندڙ مزودن سان جيڪا پيپلز پارٽي ڪئي آهي اُها سندس ڪنهن کان لڪيل ناهي

ايس ٽي پي اڳواڻ جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي پاپندي هئي ليڪن پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌي نوجوانن ۽ ڪارڪنن ۾ اُتساهه پيدا ڪيو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جي ثقافت آهي،

 هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن ڦاهي ڏني وئي تڏهن سڄي سنڌ کي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ جڏهن بينظير شهيد ٿي تڏهن ته سڄي سنڌ رُني هئي، انهن شهيدن کانپوءِ  پيپلزپارٽي عوامي پارٽي بدران زرداري ليگ بڻجي وئي آهي.

ان موقعي تي سيد اطهر علي شاهه، نثار علي ڪيريو، عمران ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|چانڊڪا جو ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو بدلي، ڊاڪٽر محبوب شاهه کي نئون ايم ايس مقرر

چانڊڪا جي ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙي کي بدلي ڪيو ويو آهي سندس جاءِ تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي