23 اربع , آگسٽ 2017

ٽن ڪارن برابر ڄاڙين جي طاقت جو جانور ٽائرينوسارس

Scienceنيويارڪ (ويب ڊيسڪ): ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائرينوسارس جي ڏندن جي ڊيگهه ست انچ هئي، جڏهن ان جي ڄاڙي ڪنهن شئي کي دٻائيندي هئي ته ان جا ڏند 4 لک 31 هزار پائونڊ في اينچ جي قوت پيدا ڪندا هئا، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته قديم زماني جو هڪ ڊينوسار ’ٽائرينوسارس ريڪس‘ جڏهن ڪنهن شئي کي پنهنجي ڄاڙين ۾ کڻي دٻائيندو هيو ته ان جي دٻائڻ جي قوت ننڍي سائيز جي ٽن وارن جي وزن برابر هوندي هئي، جنهن سبب تمام وڏي سائيز جو هي ڊينوسار هڏين کي چٻاڙي وٺندو هو، ڊينوسارس تي تحقيق ڪندڙ ماهرن اربع ڏهاڙي ٻڌايو ته ٽائرينوسارس ريڪس جي ڄاڻين جي پوسٽ مارٽم ۽ اڄ جي دور ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ جانورن، جهڙوڪ واڳون ۽ پکين وغيره جي ڀيٽ ۽ تجزيي تي مني ڪمپيوٽر ماڊل سان اهو معلوم ٿيو ته ان جي ڄاڻين ۾ چٻاڙڻ يج طاقت تقريبن 8 هزار پائونڊ هئي، جيڪا ڪنهن به ڊينوسارس جي متيلق لڳايل سمورن اندازن کان تمام وڌيڪ آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائرينوسارس جي ڏندن جي ڊيگهه ست انچ هئي، جڏهن ته ان جون ڄاڙيون ڪنهن شئي کي دٻائينديون هيون ته ان جا ڏند 4 لک 31 هزار پائونڊ في انچ قوت پيدا ڪندا هئا، ماهرن جو چوڻ آهي ته پنهنجي ان بي پناهه قوت سبب اهو هڏيون ڀڃڻ ۽ انهن کي چٻاڙڻ جي اهليت رکندو هيو، ٽائرينوسارس اڄ کان تقريبن 6 ڪروڙ 60 لک سال پهرين اتر آمريڪا جي اولهه حصي ۾ ملندو هيو، ان جي ڊيگهه تقريبن 43 فٽ ۽ وزن 7 ٽن جي لڳ ڀڳ هيو، پنهنجي ان جسامت سبب ان کي پنهنجي دور جي ٻين گوشت خور جانورن تي برتري حاصل هئي، ٽائرينوسارس تي هي تحقيق آمريڪي رياست اوڪلوهاما جي اسٽيٽ يونيورسٽي جي سينٽر فار هيلٿ سائنسز ۾ ٿي، جنهن جي قيادت پال گيگناڪ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪاٺ سان تيار ٿيندڙ پهرين ڪار 2020 تائين روڊن تي اچي ويندي

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)ماهرن کاٺ مان حاصل ٿيندر اجزا سان ڪار تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي