18 اربع , آڪٽوبر 2017

ڪترينا ڪيف ۽ ڪنگنا رناوت جا ڪوڙ پڌرا

kangana-katrina

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اڪثر اداڪارائون پنهنجي اصل عمر کان ننڍيون نظر اينديون آهن ۽ ڪجهه اداڪارائون پنهنجي اصل عمر لڪائڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺنديون آهن. جڏهن ته اهڙو هڪ انڪشاف بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ ڪنگنا رناوت جي حوالي سان سامهون آيو آهي، جيئن ته ڪترينا ڪيف پنهنجي عمر جي حوالي سان ڪوڙ جو سهارو ورتو، بالي ووڊ انڊسٽري جي شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ انٽرويو دوران اداڪارا ڪترينا کان جڏهن سندس عمر جي باري ۾ پڇيو ويو هو ته هن چيو هو جڏهن برلن واري ڀِت ڪيرائي وئي تڏهن سندس عمر 8 سال هئي. واضح رهي ته برلن واري ڀِت 9 نومبر 1989ع ۾ ڪيرائي وئي هئي،  جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪترينا ڪيف 1981ع ۾ پيدا ٿي هئي ۽ هاڻي 36 سالن جي ٿي وئي آهي، پر ڪترينا پنهنجي پيدائش جي تاريخ 16 جولاءِ 1983 ٿي ٻڌائي. بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا رناوت  به اهڙي صف ۾ شامل آهي، 2009ع ۾ هن پنهنجي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو جي موقعي تي هڪ انٽرويو دوران چيو ته سندس عمر 22 سال آهي، جڏهن  ته ان وقت پاسپورٽ تي سندس عمر 28 سال لکيل هئي، جيڪڏهن هاڻي اداڪارا ڪنگنا جي حساب سان ڏٺو وڃي ته سندس عمر تقريبن 29 سال آهي پر سرڪاري ڪاغذن مطابق هو پنهنجي زندگي جي 36 هيبن سال ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ پهريون ڀيرو مراٺي فلم ۾ نظر ايندي. ڀارتي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي