15 جمعو , ڊسمبر 2017

رونالڊو يورپين ليگز ۾ وڌيڪ گول ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

08

ميڊرڊ(اسپورٽس نيوز) اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، يورپين ليگز جي تاريخ ۾ وڌيڪ گول ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. ڪرسٽيانو رونالڊو اسپينش لاليگا ۾ سيلٽا ويگو خلاف ميچ ۾ 2 گول ڪري اڳوني انگلش فٽبالر جمي گريوز جو 46 سالن جو پراڻو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. يورپين ليگز ۾ مختلف ڪلبون جي نمائندگي ڪندي ان گڏيل طور 366 گول ڪيا هئا جڏهن ته رونالڊو 367 گول ڪري ان کي پڳوئتي ڇڏي ڏنو.ک وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ جيرار ڊملر 356 گولن سان گڏ ٽئين ۽ ارجنٽائني اسٽار لائنل ميسي 346 گولن سان چوٿين نمبر تي موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرني ٽوئنٽي فرسٽ سنچري فوڪس جا اثاثا خريدي ورتا

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداري ٽوئنٽي سنچري پنهنجن اثاثن جو وڏو حصو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے