18 سومر , ڊسمبر 2017

ڪرس گيل پنهنجي زندگي جي اهم رازن تان پردو کڻي ڇڏيو

Chris-Gayle_2

جميڪا(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي دنيا جي بين الاقوامي شهرت يافتا رانديگر ڪرس گيل پنهنجي زندگي تان پردو کڻندي ٻڌايو ته شهريت جي بلندين تي پهچڻ کان پهريان ان غريب گهراڻي ۾ اک کولي. ڪرس گيل جو چوڻ هو ته ان شروعاتي زندگي ۾ گهڻي غربت ڏٺي. اسڪول جي فيس ادا ڪرڻ لاءِ سندس والدين وٽ پئسا نه هوندا هئا. ڪرس گيل زندگي جي ڪڙي حقيقت تان پردو کڻندي چيو ته ان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ روڊن، گلين ۽ محلن مان خالي بوتلون ۽ ڪچرو به کنيو. ڪرس گيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرو هڪ وقت جو کاڌو کائڻ لاءِ چوري به ڪئي. ڪرس گيل جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن هو ڪرڪيٽ ۾ نه اچي ها ته اڄ به روڊن تي زندگي گذاري رهيو هجي ها.“ گرس گيل اهي تمام حالتون ٻڌائينديون روئڻ هارڪو به ٿي ويو. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ڪرڪيٽ سبب اڄ بلندين تي پهتو آهي. واضح رهي ته ڪرس گيل ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽ (ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20) ۾ جيڪا شهريت رکندو آهي اهو هر ڪنهن رانديگر کي نصيب ناهي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيون سمٿ ايشز ۾ وڏي اننگز کيڏندڙ ٽيون آسٽريلوي ڪپتان  بڻجي ويو

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ بيٽسمين سمٿ انگلينڊ خلاف ايشز سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے