18 سومر , جون 2018

اٽالين اوپن: نوواڪ جوڪووچ ۽ وينس وليمز ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي

07

روم(اسپورٽس نيوز) روم ۾ جاري اٽالين اوپن ٽينس ۾ خميس تي مردن جي سنگلز پري ڪوارٽر فائنل مقابن ۾ جان ازنر، مائلوس رائونڪ، ميرين ڪلچ، اليگزنڊر زيورو ۽ جوڪووچ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا آهن. سوئزرلينڊ جي اسٽين واورينڪا کي آمريڪا جي جان ازنر هٿان 6-7، 6-4 تان شڪست ٿي، ٻين مقابلن ۾ ڪينيڊا جي مائلوس رائونڪ ٽامس برڊچ کي اسٽريٽ سيٽ ۾ 3-6، 2-6، جرمني جي اليگزرينڊر زيوريو اطالوي رانديگر فيبيو فوگنيني کي 3-6، 3-6 تان مات ڏئي ڇڏي. بيلجئيم جي ڊيوڊ گوفن ميرين ڪلچ هٿان اسٽريٽ سيٽ ۾ 3-6، 4-6 ۽ سربيا جي نوواڪ جوڪووچ هپانوي رانديگر روبرٽو بتستا کي 4-6، 4-6 تان هارائي ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي. ٻئي طرف عورتن جي پري ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ جرمني جي جوليا گورجئيس کي اسپين جي گاربائن مگاروزا هٿان 5-7، 4-6 تان شڪست ٿي ٻين مقابلن ۾ نيدر لينڊ جي ڪڪي برٽنز ايڪاترينا مڪارووا کي 6-7، 1-6، وينس وليمز برطانيا جي جوهانه ڪونٽا کي 1-6، 3-6، 1-6 تان شڪست ڏني. سيمونا هيلپ، داريا گويريلووا، اينٽ ڪونٽوويٽ به پنهنجي پنهنجي ميچون فتح ڪري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ڪزنٽسوا، ليوڪڪ باروني ۽ انستاسيا پيولو چنڪووا ناڪام ٿي ٽائٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ڪرڪيٽرن جو اسٽيو رڪسن کي خراج

ايڊنبرگ (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان عهدي جو مدو پورو ٿيڻ تي فيلڊنگ ڪوچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے