18 سومر , ڊسمبر 2017

انٽرنيشنل ريسلرز کي اسلام آباد ۾ ريسلنگ جي اجازت ملي وئي

05

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ريسلنگ مقابلن تي حڪم امتناع واپس ورتو ويو، جنهن کانپوءِ انٽرنيشنل ريسلر اسلام آباد ۾ 21 مئي تي رنگ ۾ لهندا. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج سيد فيضان حيدر گيلاني نجي ايونٽ مينجمينٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو قمر چوڌري جي درخواست تي اسلام آباد جي حدن ۾ انٽرنيشنل ريسلنگ مقابلن تي حڪم امتناع ڏئي رکيو هو. ڪلهه ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواست گذار قمر چوڌري حڪم امتناع جي درخواست واپس وٺي ڇڏي ۽ موقف اختيار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ريسلنگ ايونٽ خلاف ناهي بلڪ بين الاقوامي ريسلرز کي پاڪستان آڻڻ لاءِ ان پاڻ ڪوششون ڪيون آهن. ان جو چوڻ هو ته صرف فڪسنگ ۽ ڪمپني سان معاهدي جي ڀڃڪڙي تي داخل درخواست جي پيروي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيون سمٿ ايشز ۾ وڏي اننگز کيڏندڙ ٽيون آسٽريلوي ڪپتان  بڻجي ويو

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ بيٽسمين سمٿ انگلينڊ خلاف ايشز سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے