23 اربع , آگسٽ 2017

چئمپينز ٽرافي ۾ پاڪستاني امپائر عليم ڊار پنجون ڀيرو فرض سرانجام ڏيندو

Aleem-Dar-Sot-Lhr-03-02-640x480

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل طرفنا چئمپينز ٽرافي لاءِ امپائرن ۽ ميچ ريفريز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عليم ڊار پنجون ڀيرو ذميواري سنڀاليندو. آءِ سي سي پهرين کان 18 جون تائين ڪارڊف ويلز اسٽيڊيم، ايجبسٽن ۽ اوول ۾ شيڊول چئمپينز ٽرافي ميچز لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اليٽ پينل ۾ شامل ڪرس براڊ، ڊيوڊ بون ۽ اينڊي پائي ڪرافٽ ميچ ريفري جي ذميواري سنڀاليندا، امپائرنگ ڊيوٽي اليٽ پينل آف امپائرز جا 12 آفيشلز پاڻ ۾ ورهائيندا. ان ۾ عليم ڊار، ڪمار دهرما سينا، ماريس ايراسمس، ڪرس گفيني، اي ين گولڊ، رچرڊ ايلنگورٿ، رچرڊ ڪيٽل برو، نائجل لونگ، بروس آڪسفورڊ، سندا رام روي، پال رائفل ۽ روڊ ٽڪر شامل آهن. 2009ع کان 2011 تائين آءِ سي سي امپائر آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ عليم ڊار پنجون ڀيرو چئمپينز ٽرافي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو، گولڊ جو هي ٽيون ٽورنامينٽ آهي جڏهن ته ڌرما سينا، ايراسمس، ڪيٽل برو، لونگ، آڪسفورڊ ۽ ٽڪر کي ٻيو ڀيرو چئمپينز ٽرافي جو تجربو حاصل ٿيندو، گفيني، ايلنگورٿ، روي ۽ رائفل هن ايونٽ ۾ پهريون ڀيرو ذميواري سرانجام ڏيندا. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 27 مئي تي ٿيندڙ وارم اپ ميچ ۾ ڪيٽل برو ۽ رائفل آن فيلڊ، ڌرما سينا، ريزرو ۽ براڊ ميچ ريفري هوندا. آسٽريليا سان گرين شرٽس جي پريڪٽس ميچ ۾ فيلڊ آفيشلز جي ذميواري ڌرما سينا ۽ ايلنگورٿ نڀائيندا، رائفل ريزرو امپائر جڏهن ته براڊ ئي ريفري هوندو. ياد رهي ته ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي سفر جي شروعات 4 جون تي روايتي حريف ڀارت خلاف مقابلي سان ڪندو، ان ميچ ۾ ريفري اينڊي پائي ڪرافٽ هوندو، آن فيلڊ ايراسمس ۽ ڌرما سينا ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، ٿرڊ امپائر رچرڊ ڪيٽل برو ۽ فورٿ آفيشل روڊ ٽڪر هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان گريم سمٿ بينوني زلمي جو هيڊ ڪوچ مقرر

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي چيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي