23 سومر , آڪٽوبر 2017

چئمپينز ٽرافي لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم نئين ڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏي

04

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون يونيفارم متعارف ڪرايو ويو آهي. وڏي ايونٽ لاءِ گرين شرٽس جي نئين ڪٽ ۾ گهري ۽ هلڪي سبز رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان تي پي سي بي جي لوگي سان گڏ آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي 2017ع جو لوگو به لڳل آهي. ان کان علاوه قومي ٽيم جي رانديگرن کي ٽريننگ دوران استعمال ٿيندڙ ڪٽس به فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سبز ۽ سرمائي رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪا ڏسڻ ۾ تمام بهترين آهي. ڪٽ جي اڳين حصي تي پي سي بي لوگو ۽ اسپانسر جڏهن ته پوئين حصي تي اسپانسر جو لوگو لڳل آهي. شوئقين پاڪستاني ٽيم جي نيئن وردي کي پسنديدگي جي نظر سان ڏسي رهيا آهن. گرين شرٽس جي نئين ڪٽ سان گڏ ميگا ايونٽ ۾ پهرين انٽري برمنگهم ۾ روايتي حريف ڀارت خلاف مقابلي ۾ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فڪسنگ جي آڇ ٺڪرائڻ ٽيم سميت پوري دنيا لاءِ مثال آهي: مڪي آرٿر

شارجا(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر بڪي طرفان فڪسنگ جي آڇ کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي