23 اربع , آگسٽ 2017

سي پيڪ سبب ڪشمير مسئلي تي موقف تبديل نه ٿيندو: چيني پرڏيهي ترجمان

Chinaبيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين اعلان ڪيو آهي ته ون بيلٽ ون روڊ تحت بڻجندڙ سي پيڪ منصوبي سبب ان جو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري ڪشمير مسئلي تي موقف تبديل نه ٿيندو، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوواچون يانگ پريس بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سبب علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي ملندي، سي پيڪ جو مقصد خطي ۾ موجود ملڪن جي ترقي ۽ انهن جو استحڪام آهي، هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ سڀني ملڪن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، ان جو بنياد گڏيل تعاون ۽ گڏيل مفاد آهن، جيڪي به ملڪ بيلٽ اينڊ روڊ جي رستي ۾ اچن ٿا انهن سڀني کي ان جو ثمر ميڙڻ جي ڀرپور دعوت ڏيون ٿا، ڪشمير مسئلي جي موضوع تي ڳالهائيندي چيني ترجمان جو چوڻ هو ته ڪشمير جو مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته ٻئي ملڪ گڏجي ڳالهين ذريعي ان جو حل ڪڍي وٺندا، سي پيڪ سبب ڪشمير مسئلي تي چين جو موقف تبديل نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي سپريم ڪورٽ ٽن طلاقن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هڪ اهم ڪيس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي