22 پیر , جنوری 2018

چئمپينز ٽرافي: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جم ٽريننگ ۾ مصروف

03

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) چئمپينز ٽرافي کان پهريان پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي فٽنس جاچ ورتي وئي، هوڏانهن جم ٽريننگ جو سلسلو به جاري آهي. تفصيل موجب: چئمپينز ٽرافي لاءِ چونڊيل پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي تربيتي ڪيمپ جي برمنگهم ۾ شروعات ٿي وئي آهي. اربع جيان خميس تي به بلڪي برسات ٿي، خراب موسم سبب مهمان ٽيم جون سرگرميون انڊور ٽريننگ تائين محدود رهيون، پهرين ڏينهن تمام رانديگرن کان فٽنس ٽيسٽ ورتي وئي، فزيو شان بيز ۽ ٻئي ڪوچنگ اسٽاف جي موجودگي ۾ پليئرن مختصر فاصلي جي اسپرنٽ ۾ پنهنجي اسٽيمنا جو امتحان ڏنو، جسماني لچڪ به جاچي وئي، تمام ڪرڪيٽرن جي ڪارڪردگي تي ڪوچ مطمئن نظر آيا. ان کانپوءِ ٽيم جم جو رخ ڪندي سخت ٽريننگ سان پنهنجي فٽنس بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪيو، ويٽ ٽريننگ ۽ اسٽريچنگ دوران بيٽنگ ڪوچ گرناٽ فلاور ۽ ٻئي اسٽاف به تعاون ڪندا رهيا، ميگا ايونٽ کان پهران انگلش ڪنڊيشنز سان هم آهنگي لاءِ لڳائي ويندڙ تربيتي ڪيمپ جا مقصد حاصل ڪرڻ م پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو جڏهن ته پلان مطابق مهمان ڪرڪيٽرن کي بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ سيشنز سان گڏ ٽارگيٽ ميچز به کيڏندي درست ڪمبينيشن تشڪيل ڏيڻي آهي. ياد رهي ته چئمپينز ٽرافي ۾ پاڪستان جو پهريون مقابلو 4 جون تي روايتي حريف ڀارت سان ٿيندو. ان کان پهريان بنگلاديش ۽ آسٽريليا خلاف وارم اپ ميچز ۾ به تاريون جاچڻ جو موقعو ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انجري جو شڪار شعيب ملڪ جو وطن واپسي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انجري جو شڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ کي نيوزي لينڊ مان وطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے