11 پیر , دسمبر 2017

شاهد آفريدي هيمپشائر ڪلب سان معاهدو ڪري ورتو

AFRIDI

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اسٽار ڪرڪيٽر شاهد آفريدي نيٽ ويسٽ ٽي 20 بلاسٽ 2017ع جي پوري سيزن لاءِ هيمپشائر ڪرڪيٽ ڪلب سان معاهدو ڪري ورتو. شاهد آفريدي 2011ع ۾ پهريون ڀيرو هيمپشائر جي نمائندگي ڪئي، جتي ان جي ڪارڪردگي سان مداحن خوب مطمئن نظر آيا، ان ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ سمر سيٽ خلاف 42 بالن تي 80 رنز جي بهترين اننگز کيڏندي ٽيم کي فائنل ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 2016ع ۾ ان ڪلب طرفان کيڏندي 17.36 جي ايوريج سان 191 رنز ٺاهيون هيون، جڏهن ته 12 ميچن ۾ 9 وڪيٽون به هاصل ڪيون هيون. هو گڏيل طور تي هن وقت تائين ڪلب طرفان 18.32 جي ايوريج سان 28 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. همپشائر جي ڊائريڪٽر جائلز وائٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي کي ٻيهر ٽيم ۾ پرجوش طريقي سان خوش آمديد چئون ٿا، ان گذريل سيزنز ۾ اسان جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جو ٽيلنٽ اسان جي اسڪواڊ لاءِ اهم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هيملٽن ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به ڪيويز جي نانءُ، ويسٽ انڊيز ڏکيائين جو شڪار

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به ڏکيائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے