22 پیر , جنوری 2018

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: اسان سان بدسلوڪي ڪئي وئي: خالد لطيف جو وڪيل

02

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽر خالد لطيف جي وڪيل بدر عالم جو چوڻ آهي ته ڪارروائي ۾ هنن سان بدسلوڪي ڪئي وئي. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي سي بي جي وڪيل اڄ اسان مٿان بليڪ ميلر هئڻ جا الزام لڳائي ڇڏيو، اڄ جي ڪارروائي ۾ 1ڏ فيبروري تي خالد لطيف جو رڪارڊ ڪيل انٽرويو ڏيکاريو ويو.خالد لطيف جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسان ڪيس کان نٿا ڀڄون، پاڪستنا جي قانون مطابق ڪيس هلايو وڃي، اسان پي سي بي جي گواهن تي جرح ڪنداسين. ان اهو سوال به ڪيو ته خالد لطيف جڏهن ڪا ميچ ئي ناهي کيڏيو ته فڪسنگ ڪٿا ٿي وئي؟ ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو قانوني مشير تفضل رضوي چوي ٿو ته خالد لطيف جي وڪيل اڄ ٽربيونل جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. ان اهو به چيو ته مان ان جي ڌمڪيءَ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش چيو، سندس چوڻ هو ته منهنجي ان بيان کي خالد لطيف جي وڪيل ڌمڪي سمجهي ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انجري جو شڪار شعيب ملڪ جو وطن واپسي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انجري جو شڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ کي نيوزي لينڊ مان وطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے