20 منگل , فروری 2018

وڪي ليڪس باني جولين اسانج خلاف سويڊن ۾ ريپ ڪيس جي جاچ ختم

Asaanjاسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ): وڪي ليڪس جي باني جولين اسان خلاف ريپ جي الزامن متعلق سويدن جي استغاثه جاچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، استغاثه جي آفيس کان جاري ڪيل بيان موجب چيف پراسيڪيوٽر ميرين نائي جمعي ڏهاڙي فيصلو ڪيو ته جولين اسان خلاف شڪي ريپ جي الزامن جي جاچ روڪي وڃي، اهو جنسي زيادتي جي الزامن جي سلسلي ۾ سويڊن جي پوليس کي گهربل هيو ۽ ان سبب ئي 45 سالن جو جولين اسانج 2012 کان لنڊن ۾ ايڪواڊور جي سفارتخاني ۾ رهي رهيو هيو، واضح رهي ته اسانج ريپ جي الزامن جي ترديد ڪندو رهيو اهي ۽ جمعي ڏهاڙي سامهون ايندڙ اعلان بعد هاڻي کيس ان باري ۾ وڌيڪ جاچ کي منهن ڏيڻو نه پوندو، آمريڪا جو پرڏيهي کاتو 2010 کان اسان جي معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي، وڪي ليڪس آمريڪي سلامتي بابت ڳجها ڪاغذ ظاهر ڪيا هيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڻهن کان پيسا وٺي سندن رت پيئندڙ عورت

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) توهان انسانن جو رت پيئندڙ بلائن بابت ڪهاڻيون ته پڙهيون ۽ ٻڌيون هونديون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے