23 اربع , آگسٽ 2017

پرسڪون ننڊ لاءِ ڪيوي ميوو کائو

Keviڪراچي (ويب ڊيسڪ): جيڪڏهن اوهان سمجهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ 2 عدد ڪيوي ميوا کائيندئو ته اهي گهري ۽ پرسڪون ننڊ ۾ اوهان لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن، هڪ سروي سان هي ڳالهه سامهون آئي اهي پر اڃا تائين ماهر ان جي معقول سبب جي جاچ ۾ آهن ۽ انهن جو خيال آهي ته شايد ڪيوي ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ سيروٽونن دماغ کي سڪون پهچائي هڪ موثر ننڊ جو سبب بڻجندا آهن، ان لاءِ تائپي ميڊيڪل يونيورسٽي تائيوان جي ماهرن اهڙن 24 ماڻهن کي ڀرتي ڪيو آهي، جن کي ننڊ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي ۽ انهن کي نند کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪيوي ميوو کائڻ لاءِ ڏنو ويو ته ميوو کائيندڙ ماڻهن 13 سيڪڙو وقت وڌيڪ آرام ڪيو، ان کانسواءِ انهن ۾ بستر تي وڃڻ بعد ننڊ جو وقت به 35 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو، کٽو مٺو ميوو ڪيوي هاڻي پاڪستان ۾ به دستياب آهي ۽ ان جا اهي ڪيترائي فائدا هر هڪ جي زبان تي آهن، ان ۾ موجود وٽامن سي ساهه جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي، جڏهن ته دم جا مريض جيڪڏهن ڪيوي کائين ته هي انهن جي لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، ماهرن موجب ان ۾ ملندڙ پروٽيولائٽڪ اينزائم هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي، ڪيوي تي تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته هڪ طرف رت جا ذرا ڄمڻ ناهي ڏيندو ۽ ٻئي طرف بلڊ پريشر کي برقرار رکڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هر چوٿون پاڪستاني شگر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي سروي ۾ خبر پئي آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي