23 اربع , آگسٽ 2017

چيني جهازن آمريڪي جهاز کي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو

Americaبيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين جي ويڙهاڪ جهازن آمريڪي فوجي جهاز کي چيني هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي جهاز ڊبليو سي 135 جي چيني هوائي حدن جي ويجهو ايندي ئي 2 چيني ويڙهاڪ جهازن آمريڪي جهاز کي گهيري ان کي واپس موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته جهاز عالمي قانونن تحت پرواز ڪري رهيو هيو، جهاز کي گهيرڻ غير پيشيوراڻو عمل آهي، آمريڪي عملدارن جو اهو به چوڻ اهي ته معاملي بابت سفارتي سطح تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڊبليو سي 135 جهاز فضا ۾ جوهري ڪارروائي جي نشاندهي جو ڪم ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي سپريم ڪورٽ ٽن طلاقن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هڪ اهم ڪيس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي