21 خميس , سيپٽمبر 2017

طاهر زبردستي نڪاح نامي تي صحيح ڪرائي، واپس وڃڻ ڏنو وڃي: عظميٰ جو بيان عدالت ۾ جمع

Tahir uzmaاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ڀارتي عورت عظمي هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته طاهر ڪوڙو آهي، جنهن نڪاح نامي تي زبردستي صحيح ڪرائي، ملائشيا ۾ پاڪستاني ٽيڪسي ڊرائيور سان ڄاڻ سڃاڻ بعد پاڪستان پهچي شادي رچائيندڙ ڀارتي عورت عظميٰ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، ڀارتي عورت طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته طاهر ڪوڙو آهي ۽ ان نڪاح نامي تي زبردستي صحيح ڪرائي، جڏهن ته ويزا جو مدو 30 مئي تي ختم ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري ڀارت واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، واضح رهي ته نئين دهلي سان تعلق رکندڙ ڀارتي عورت ڊاڪٽر عظميٰ ۽ بونير سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهري طاهر علي ملائشيا ۾ هڪ ٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيا هئا ۽ ڊاڪٽر عظميٰ پهرين مئي تي واهگه بارڊر رستي پاڪستان پهتي، جڏهن ته 3 مئي تي ٻنهي نڪاح ڪري شادي ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرويز مشرف آصف علي زرداريءَ کي بينظير ڀٽو جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو

دبئي ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد بينظير …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي