18 جمعو , آگسٽ 2017

ڪلڀوشن جي معاملي تي هاڻي به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو: يوسف رضا گيلاني

yousuf raza gillaniملتان (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 2008 ۾ وزيراعظم طور چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪلڀوشن جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهربو هو، هاڻي به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪلڀوشن بابت عالمي عدالت جو حتمي فيصلو ناهي آيو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ريمنڊ ڊيوس معاملي تي اسان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو، هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي، 2018 جون چونڊون اهم آهن، هن چيو ته بجيٽ عوام دوست هئڻ گهرجي، جنهن سان عوام کي فائدو ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊر اِن چيف حڪم ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن سان به نه ملن: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي