21 خميس , سيپٽمبر 2017

ترقياتي بجيٽ ۽ اڪنامڪ فريم ورڪ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي: احسن اقبال

Ahsan Iqbalاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ترقياتي بجيٽ ۽ اڪنامڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي، هن چيو ته 10 سالن ۾ پهريون دفعو جي ڊي پي 5 ڏهائي 3 سيڪڙو رهيو، جيڪا تمام وڏي خوشخبري آهي، نئين سال ۾ 8 کان 10 هزار ميگا واٽ اضافي بجلي ايندي، احسن اقبال چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، زراعت ۽ سروسز سيڪٽر سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اقتصادي ترقي جو هدف ايندڙ سال لاءِ 6 سيڪڙو رکيو ويو آهي، هن چيو ته ناڻي جي مٽا سٽا جو هدف 6 سيڪڙو رکيو ويو، ايندڙ سال برآمدي هدف 23 ارب 10 ڪروڙ ڊالرز رکيو ويو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا رکيو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان آيا هئاسين ته ترقياتي بجيٽ 360 ارب رپيا هيو، وفاق ۽ صوبن جو ڪل ترقياتي بجيٽ 2113 ارب رپين جو آهي، احسن اقبال اهو به چيو ته سي پيڪ ۽ ان سان لاڳاپيل منصوبن لاءِ 180 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، گوادر ۽ ان جي ترقي لاءِ 31 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، سماجي شعبي جي ترقي جي منصوبن لاءِ 153 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرويز مشرف آصف علي زرداريءَ کي بينظير ڀٽو جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو

دبئي ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد بينظير …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي