17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عالمي عدالت جو فيصلو ڪلڀوشن جي خاندان ۽ ملڪ لاءِ وڏي راحت جو سبب بڻيو: سشما سوراج

sushma swarajنئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج عالمي عدالت انصاف جي فيصلي جي آجيان ڪئي، پرڏيهي وزير سشما سوراج ٽوئيٽر اڪائونٽ تي چيو آهي ته عالمي عدالت انصاف جو فيصلو ڪلڀوشن ياديو جي خاندان ۽ ملڪ واسين لاءِ وڏي راحت جو سبب بڻجي سامهون آيو آهي، هن ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مان قوم کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿي ته وزير اعظم نريندر  مودي جي قيادت ۾ اسان ڪلڀوشن ياديو کي بچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، هن چيو ته اسان هريش سالوي جا شڪر گذار آهيون جو ان ڪيس کي عالمي عدالت انصاف جي سامهون مضبوطي سان پيش ڪيو، گڏ ئي اسان  پرڏيهي وزارت جي ٽيم جا به ٿورائتا آهيون، جنهن ان معاملي کي انجام تائين پهچايو، مان انتهائي جدوجهد ۽ محنت سان ڪم ڪيو، واضح رهي ته خميس تي عالمي عدالت انصاف جي جج روني ابراهم پنهنجي فيصلي ۾ پاڪستان کي ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عالمي عدالت هي حڪم ڏيڻ مناسب سمجهي ٿي ته حتمي فيصلو ٻڌائڻ تائين پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي ڏيڻ کان پاسو ڪري، پاڪستان ۾ فوجي عدالت پاران ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ ڀارت ان معاملي کي هيگ ۾ واقع عالمي عدالت انصاف ۾ اٿاريو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايراني ۽ روسي اڳواڻن جي ملاقات، عالمي ايٽمي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه

ماسڪو (ويب ڊيسڪ): روسي نائب پرڏيهي وزير سير گئي رائڪبوف هلندڙ هفتي پنهنجي ايراني هم …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي