26 جمعو , مئي 2017

ڀارت پاڪستان جو ايجنٽ پڪڙي ها ته عالمي عدالت جي پرواهه نه ڪري ها: عمران خان

Imran Khanڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو اها ڳالهه مڃي ته مان دهشتگردي ڦهلائڻ آيو هيس، بلوچستان ۾، ڪراچي ۾، هاڻي نواز شريف ٻڌائي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي آءِ ايس آءِ جي ايجنٽ کي پڪڙي وٺي ها ته اهي ان کي ڦاهي ڏئي ڇڏين ها، عالمي عدالت جي پرواهه نه ڪن ها، ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نائجيريا تيل جا ذخيره هوندي به غريب ملڪ آهي، اتي بيروزگاري آهي، پاڪستان کي الله سڀ ڪجهه ڏنو آهي پوءِ ڇو غربت ۽ بيروزگاري آهي، ڪوئيٽا جا ماڻهو باشعور آهن، پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻو آهي، هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪمپنين جي حڪومت آهي، سنڌ ۾ زرداري خاندان جي ڪمپني ۽ پنجاب ۾ شريف خاندان جي لميٽيڊ ڪمپني آهي، مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي ڀائرن جي ڪمپني آهي، محمود اچڪزئي ۽ ڀائرن ڪمپني آهي، ماضيءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني هئي، هاڻي شريف لميٽيڊ ڪمپني آهي، اهي ڪمپنيون ڪرپشن ڪري ملڪ کي تباهه ڪري رهيون آهن، ٽيڪس جو پئسو حڪومت وٽ ويندو آهي، حڪمران پئسو چوري ڪري وٺندا آهن، عوام ٽيڪس ڏيندو آهي، اقتدار ۾ ايندڙ ٽيڪس کائيندا آهن، عمران خان چيو ته اهي ڪمپنيون ڪرپشن ڪري قوم کي تباهه ڪري رهيون آهن، ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪيترو پئسو چوري ٿي ٻاهر ويندو آهي، عوام جو پئسو هتان دبئي ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، هن چيو ته جيڪو پئسو پاڪستان ۾ خرچ ٿيڻو هو، اهو هر سال هڪ هزار ارب رپيا ملڪ مان ٻاهر ويندو آهي، هاڻي اهو پئسو اسان تي خرچ ٿيڻ گهرجي، اهو پئسو جيڪڏهن پاڪستان تي خرچ ٿيو هجي ها ملڪ الائي ڪٿي پهتو هجي ها، نوڪرين لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پوي ها، گهر ويٺي نوڪريون ملن ها، عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي جي سالياني ترقياتي بجيٽ هڪ ارب 10 ڪروڙ ۽ ساليانو چوري هڪ هزار ارب رپيا آهي، اسان جي قوم ۾ آهستي آهستي شعور اچي رهيو آهي ته ڪرپشن جو مطلب اوهان جي گهر ۾ چوري ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڇا مشتاق رئيساڻي اڪيلو پئسا چوري ڪري رهيو هو، ايئن ناهي، دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ ڪوئيٽا پٺتي وڃي رهيو آهي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ان لاءِ ڪامياب وئي، جو ان کي هتي غدار مليا، مير جعفر ۽ مير صادق غداري ڪئي ۽ قوم کي غلام بڻايو، جيستائين ملڪ ۾ پوليس جو نظام ٺيڪ نه ٿيندو، تيستائين حالتون ٺيڪ نه ٿينديون، الله موقعو ڏنو ته بلوچستان جي پوليس کي به ڪي پي ڪي جي پوليس وانگر بڻائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shaikh Rasheed

بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار به 25 هزار رپيا هئڻ گهرجي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته بجيٽ ۾ گهٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي