23 اربع , آگسٽ 2017

حڪمرانن اڄ تائين پنهنجا کيسا ڀريا، چورن ۽ ڦورن کي جيل ۾ وجهنداسين: جهانگير ترين

jahangir tareenڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ڦرلٽ کي اڄ نه روڪيو ويو ته 70 سال کان جيڪي حالتون آهن، اهي تبديل نه ٿينديون، تحريڪ انصاف جي حڪومت بلوچستان جون سموريون محروميون ختم ڪري ڇڏيندي، هن چيو ته ڪرپٽ عنصر پيڇو ڪندا رهندا، بلوچستان جي حڪمرانن بلوچستان جي نالي تي سياست ڪئي، هن چيو ته حڪمرانن اڄ تائين پنهنجا کيسا ڀريا، چورن ۽ ڦورن کي جيل ۾ وجهنداسين، حڪمرانن بلوچستان جو خيال ناهي ڪيو، هن چيو ته بلوچستان کي ملندڙ فنڊ لانچن ۾ دبئي هليو ويو، بلوچستان ۾ اربين کربين رپين جا قدرتي وسيلا آهن، بلوچستان کي ملندڙ پئسا ترقي تي خرچ ناهن ٿيا، بلوچستان ستر سالن کان محرومي جو شڪار رهيو آهي‏، اسان جي حڪومت ۾ بلوچستان جا وسيلا بلوچستان تي خرم ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي رانديگرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي