18 جمعو , آگسٽ 2017

عالمي عدالت انصاف جي دائره اختيار تي اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو: راڻا ثناءُ الله

ranaلاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جو خراب رويو مل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي، اپوزيشن حڪومت خلاف پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، هن چيو ته الزام تراشي جي سياست عمران خان کي ان حال تائين پهچائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته آءِ سي جي جي دائره اختيار تي اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو، عالمي عدالت چيو حتمي فيصلي تائين ڪلڀوشن کي ڦاسي نه ڏيو، اڃا ڪلڀوشن جي سزا جي ميرٽ جو فيصلو ٿيڻو آهي، ايندڙ چونڊن بعد عمران خان شايد سياست ۾ ئي نه رهي، هن چيو ته عمران خان شارٽ ڪٽ ذريعي وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، حڪومت ان جي جنازي جي تدفين جو بندوبست ڪري رهي آهي، راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف ڪالهه به عوامي عدالت ۾ سرخرو ٿيو، 2018 ۾ به ٿيندو، جيڪي ماڻهو سپريم ڪورٽ مان اسان جو جنازو ڪڍڻ چاهين پيا، انهن جو جنازو نڪري ويو، عمران خان جي پري پري تائين وزيراعظم بڻجڻ جا ڪي امڪان ناهن، ڪلڀوشن جي ڪيس ۾ قانون مطابق فيصلو ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊر اِن چيف حڪم ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن سان به نه ملن: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي