19 خميس , آڪٽوبر 2017

بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه نئين فلم ۾ ” ريپر “ جو ڪردار ادا ڪندو

ranveerممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه نئين فلم ۾ ريپر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سندس نئين روپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي اداڪار رنوير سنگهه هميشه ڪجهه نئون ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي. اداڪاري ۾ رنوير سنگهه جو ڪو به مٽ ناهي پر هو گاني ۾ به مهارت رکي ٿو ۽ ڪيترن ئي ايوارڊ شوز ۾ اداڪاري به ڪري چڪو آهي. رنوير سنگهه اڄ ڪلهه سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوتي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر هن ايندڙ فلم ” گلي بواءِ“ جي تياري به شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هو ريپر جي روپ ۾ نظر ايندو. رنوير سنگهه انسٽا گرام ۾ پنهنجي نئين روپ جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو نهايت خوفناڪ نظر اچي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر جي مداحن جو انتظار ختم، فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ اڄ رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار عامر خان جي نئين فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ اڄ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي