26 جمعو , مئي 2017

ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ خانگي اسڪول جي عمارت غير قانوني قرار ڏئي پٽ

karachiڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ هڪ خانگي اسڪول جي عمارت کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ۾ قائم خانگي اسڪول آئيڊل پبلڪ اسڪول جي عمارت کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. اسڪول جي پرنسپال نورين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وٽن اسڪول جي عمارت جا سمورا دستاويز موجود آهن پر پوءِ به اسڪول جي عمارت کي پوليس جي نگراني ۾ بنا ڪنهن نوٽيس جي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم هيٺ آهن ۽ سندن ماهيانه ٽيسٽ به ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن تائين اسڪول ۾ سمورا ڪلاس ٿيا ۽ منجهند 2 وڳي تائين هو اسڪول ۾ موجود هئا پر اهڙي قسم جو ڪو به معاملو سامهون نه آيو پر شام جو اسڪول جي عمارت کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. پرنسپال نورين اعتراف ڪيو ته اسڪول جي رجسٽريشن نه ٿي آهي پر رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. ايس ايس پي ڪورنگي نعمان صديقي ٻڌايو ته اسڪول خلاف ڪنهن اداري ۽ ڪڏهن ڪارروائي ڪئي کين ڪابه ڄاڻ نه آهي، پوليس جي نگراني ۾ عمارت ڪيرائڻ جي ڳالهه درست ناهي. ڪي ڊي اي جي حددخلين جي خاتمي بابت ڊائريڪٽر جميل بلوچ چيو ته ڪورنگي ڪراسنگ ڪي ڊي اي سوسائٽي ۾ قائم اسڪول جي عمارت غير قانوني آهي، نوٽيس جاري ڪرڻ تي کين جعلي دستاويز ڏيکاريا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

04

لاڙڪاڻي جا 91 ارب رپيا کائي چون ٿا ته ڀٽو زندهه آهي: مشاهد الله خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته ڪراچي ڪچري جو ڍير بڻجي چڪو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي