17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عالمي عدالت ڪلڀوشن کي ڦاهي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، قونصلر پهچ ڏيڻ جو حڪم

Untitled-3 copyدي هيگ/نئين دهلي (م ڊ) انصاف جي عالمي عدالت پاڪستان کي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جو قطعي فيصلو اچڻ تائين کيس مليل ڦاهي واري سزا تي عمل نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت aجي اختيارن تي پاڪستان جا اعتراض رد ڪندي، ڪلڀوشن کي ڪائونسلر پهچ ڏيڻ واري ڀارتي درخواست منظور ڪئي آهي، فيصلي جي ڀارتي حڪومت آجيان ڪئي آهي. هاليند جي شهر دي هيگ ۾ واقع عالمي عدالت جي 11 رڪني لارجر بينچ جي سربراهه روني براهم 3 ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ چيو ته ويانا ڪنوينشن جو آرٽيڪل 36 ڪلڀوشن جي ڪيس تي لاڳو نه ٿو ٿئي. عدالت ان وقت ئي فيصلو ڪري سگهي ٿي جڏهن عدالت جو اختيار ثابت ڪري سگهجي. جج چيو ته پاڪستان جو چوڻ آهي ته آگسٽ تائين فيصلي جي سزا تي عمل نه ٿيندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته اپيل جي فيصلي تائين پاڪستان  ڪلڀوشن جي سزا تي عمل نه ڪندو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت آگاهه ڪري ته سمورن حڪمن تي عمل ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو يڪراءِ آيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عالمي عدالت کي ان ڪيس کي ٻڌڻ جو اختيار آهي. آرٽيڪل هڪ تحت اهو اختيار ڏنو ويو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويانا ڪنوينشن تحت ڪائونسلر رسائي تي اختلاف آهي. ڀارت کي اطلاع ڏيڻ ۾ ناڪامي ويانا ڪنوينشن جي دائري ۾ اچي ٿي. ڪنوينشن کي جاسوسي ۾ گرفتار ماڻهن کي ڌار نه ٿو ڪري سگهجي. ڪلڀوشن ياديو 3 مارچ 2016ع کان پاڪستان جي قيد ۾ آهي ۽ پاڪستان ٻڌايو ته اهو معاملو ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو اٿاريو هو. جنوري 2017ع ۾ پاڪستان ڀارت کي جاچ ۾ مدد لاءِ خط لکيو ۽ ٻڌايو ته ڪائونسلر رسائي جي فيصلي جو دارومدار ان خط جي جواب تي هوندو. فيصلي ۾ هن ڪيس بابت مختلف قلمن جو خلاصو به پيش ڪيو ويو آهي، جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي معاملن جي پس منظر جو ذڪر هو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گرفتاري جي 22 ڏينهن بعد 25 مارچ 2016ع تي ڪلڀوشن جي گرفتاري ظاهر ڪئي پر ڀارت کيس جاسوس مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ معاملو تڪراري بڻيل آهي. ڀارت جي ڪائونسلر رسائي جي درخواستن باوجود پاڪستان چيو ته دهشتگرد تائين ڪائونسلر رسائي نه ٿي ڏئي سگهجي ۽ معاملو فوجي عدالت ۾ هلايو ويو. موت جي سزا ملڻ کانپوءِ ڪلڀوشن وٽ فيصلو چئلينج ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن جو وقت هو پر خبر ناهي ته هن اپيل داخل ڪئي آهي يا نه. فيصلي موجب ڀارت ڪائونسلر رسائي بابت موقف تي مطمئن نه ڪري سگهيو ۽ اسان فيصلو اختيار ثابت ٿيڻ تي ئي ڏئي سگهون ٿا. پاڪستان ڪلڀوشن جي حياتي کي خطرا ختم ۽ خدشا دور ڪري. کيس ويانا ڪنوينشن تحت سموريون سهولتون ملڻ گهرجن. پاڪستان ۽ ڀارت 28 ڊسمبر 1973ع کان ويانا ڪنوينشن جا ميمبر آهن ۽ ڪو به ان کان انڪار نه ٿو ڪري. بينچ ۾ فرانس جو روني ابراهم، جاپان جو هيساش، اوواڊا، برازيل جو انٽونيو گستو ٽرينڊيڊ، چين جو زوهينڪن، آمريڪا جو جان ڊونو، اٽلي جو جارجيو گاجا، يوگينڊا جي جوليا سيببوٽينڊا، ڀارت جو دلوير ڀنڊاري، جميڪا جو پيٽرڪ روبنسن، آسٽريليا جو جيمز رچرڊ ڪرافورڊ ۽ روس جو ڪائرل جارجيان شامل هئا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ويانا ڪنوينشن تي صحيح ڪندڙ هر ملڪ ٻئي ملڪ جي شهري کي ڪائونسلر پهچ ڏيڻ جو پابند آهي. ٻئي ملڪ جي شهرين جي حقن جو احترام ڪرڻ فرض آهي. عدالت پاڪستان جو ڀارت سان 2008ع جي ٺاهه تحت ٻه طرفا معاملا عالمي عدالت جي حدن کان ٻاهر هجڻ واري دليل کي به رد ڪندي چيو ته ان ٺاهه ۾ اهڙي ڪا به پابندي نه آهي. هوڏانهن ڀارت عدالتي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ترجمان گوپال باگلي پريس بريفنگ ۾ چيو ته عالمي عدالت فيصلو ڪلڀوشن کي انصاف فراهم ڪرڻ ڏانهن پهرين وک آهي. اهو اعليٰ ترين عدالت جو يڪراءِ فيصلو آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. آخري فيصلي تائين ڪلڀوشن محفوظ رهندو. ان سان پاڪستان جي عالمي قانونن جي ڪيل ڀڃڪڙين جو به ازالو ٿي سگهندو.11304141

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان انصاف واري عالمي عدالت جي ڪلڀوشن ياديو بابت فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته قومي سلامتي جي معاملي تي عالمي عدالت جو اختيار نه ٿا مڃون، ڪيس نه وڙهون ها ته هڪ طرفو فيصلو اچي ها. پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا جو چوڻ هو ته پاڪستان عدالتي اختيارن بابت موقف جمع ڪرائي چڪو آهي، قومي سلامتي معاملن تي عالمي عدالت جو اختيار نه ٿا مڃون. اسان جي وڪيلن به اهو ئي موقف اختيار ڪيو. ماضي ۾ عدالت آمريڪا خلاف 3 فيصلا ڏنا. ڪائونسلر رسائي ٺاهه جي شق 6 تحت ڪلڀوشن جهڙن ڪيسن ۾ ڪائونسلر پهچ ڏيڻ جو فيصلو ڪيس جي ميرٽ تي ٿيندو. ڀارت ڪلڀوشن جي ساٿين تائين رسائي ڏئي. ڀارت کي دنيا ۾ ڏٺو ڪنداسين. عدالتي فيصلي تي رد عمل اعليٰ سطح تي صلاح بعد جاري ڪيو ويندو. عدالت جا اختيار سڀني ادارن جي صلاح سان چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. قومي سلامتي تي ڪو به ڌر نه ٿو بڻجي سگهي. فيصلي کان ڀارت کي ڪيس هلڻ کان اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن سبب هنن اڳ ۾ ئي اسٽي آرڊر ملڻ جي دعويٰ ڪئي. ڀارت ايٽمي پروگرام وڌائي پيو جيڪو ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي. افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا پر هو ڪو به سهڪار نه پيا ڪن. ڳالهين بعد چمن سرحد کولي ويندي. ٻئي طرف پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته ڪلڀوشن جي سزا تي اسٽي آرڊر ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اسان جي وڪيل سٺو ڪيس پيش ڪيو. وڪيل ٺيڪ نه هجڻ وارو تاثر غلط آهي. عالمي عدالت راءِ ڏني آهي. ان سان موقف تبديل ناهي ٿيو. اسان جون عدالتون به نظرثاني اپيل تي منع نامو جاري ڪنديون آهن. هن چيو ته پنهنجي ٽيم عدالت نه اماڻيون ها ته هڪ طرفو فيصلو اچي ها ۽ اهو مناسب نه هجي ها. هن فيصلي بعد وڪيلن جي نئين ٽيم جوڙينداسين ۽ ڪيس جي ڀرپور تياري ڪئي ويندي. هوڏانهن بچاءُ واري وزير خواجه آصف رد عمل ۾ چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي  سڀ کان اعليٰ آهي. ڪلڀوشن تي ڪو به فيصلو ٻاهرين دٻاءُ بدران قومي سلامتي کي ڏسي ڪيو ويندو. هن عبوري فيصلي سان ڪنهن جي هار جيت ناهي ٿي. ڪلڀوشن سپريم ڪورٽ يا صدر کي اپيل ڪري سگهي ٿو. کيس هونئن به ڦاسي نه پئي ڏني وئي، کيس ڦاهي ۾ دير ناهي ڪئي، قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي، کيس ڀارت حوالي نه ڪيو ويندو. هن کي ڪنهن به قسم جو ڪو رليف نه ملندو. اسٽي آرڊر رسمي آهي. ڪيس جي ميرٽ تي اڃا بحث ئي ناهي ٿيو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ ۽ پاڻي تي راتاهو هڻڻ بند ڪرايو وڃي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي اديبن، دانشورن، قومپرست ۽ سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي