17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

ناقص حڪمراني سبب نوجوانن جو استحصال پيو ٿئي، قوم پرستي به انتهاپسندي آهي: آرمي چيف

asrmyراولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته سموري ذميواري صرف فوج تي وجهڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. تنهن ڪري سڀني کي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي. ڇو ته فوج اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي.راولپنڊي ۾ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار بابت سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان نسل اسان جي مستقبل جي سيڙپڪاري آهي. پر دشمن قوتون سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن جو ذهن تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف سڄي قوم ۽ رياستي ادارا متحد آهن. جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انتهاپسندي خلاف ويڙهه جاري رکڻي پوندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ۾ فوج ۽ ان کان پهرين خاص طور تي مون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو. پهريون فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته توهان هڪ مقبول پر غلط فيصلو ڪيو ٻيو فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته هاڻي توهان غير مقبول پر درست فيصلو ڪيو. آرمي چيف چيو ته ڪراچي يا بلوچستان ۾ ڪجهه ٿئي ته فوج اچي، هي ملڪ سڀني جو آهي. سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي يقين ڏياريان ٿو ته فوج توهان سان گڏ آهي. توهان جي هڪ آواز تي فوج توهان سان گڏ هوندي. هن چيو ته آپريشن سان اسان کي دهشتگردي جي سببن جو خاتمو به يقيني بڻائڻو آهي. دهشتگردن جو مقابلو فوج کي ڪرڻو آهي ته انتهاپسندي سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معاشري کي منهن ڏيڻو آهي. انتهاپسندي ڏانهن راغب ٿيندڙ نوجوانن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ قدرن جي درست خبر ناهي. انتهاپسندي کي اڪثر مسلم معاشري جي دين دار طبقي سان جوڙيو وڃي ٿو. انتهاپسندي کي اسلام سان جوڙڻ ناانصافي ۽ خطرناڪ آهي. قوم پرستي ۽ نسل پرستي جو راڪاس به انتهاپسندي ئي آهي. آرمي چيف چيو ته نوجوان نسل جو ناقص حڪمراني ۽ انصاف نه ٿيڻ ڪري استحصال ٿي رهيو آهي. انڊس واٽر ٽريٽي تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. ريڪوڊڪ تي فوج ڪم ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ جتي مسئلو ٿئي ٿو فوج کي گهرايو وڃي ٿو. منهنجي جوانن کي آرام به نٿو ملي. هڪ محاذ کان ٻئي محاذ تي وڃي رهيا آهيون. هن چيوته فوجين جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر انهن جي تڪليف جو ڪو به احساس نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت انتهاپسندي آڏو گوڏا کوڙ ڇڏيا آهن. آرمي چيف چيو ته دشمن پاڪستاني معاشرو هائڻ چاهي ٿو. دشمن اسان خلاف تمام وڏي جنگ شروع ڪئي آهي. اسان مختلف دشمن ايجنسين جو هدف به آهيون. دشمن انٽرنيٽ ۽ اسمارت فون جو پليٽ فارم استعمال ڪري رهيو آهي. اسان سمورن خطرن کان آگاهه آهيون. هن چيو ته يقيني بڻائينداسين ته بچيل شرپسند پنهنجي وطن خلاف استعمال نه ٿين. ڪنهن ٻئي ملڪ جي سر زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ برداشت نه ڪنداسين. تعليمي ادارا انتهاپسندي خلاف پهرين صف آهن. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته داعش جا نظريا اسان جي نوجوان نسل کي هدف بڻائي رهيا آهن. نوجوانن کي ان خطري کان بچائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئب صوبائي وزير ڄام خان شوري خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) نئب مڪاني کاتي جي وزير ڄام خان شورو خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي