23 اربع , آگسٽ 2017

عالمي عدالت جو فيصلو ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي حق ۾ آهي: ايوب شيخ

ayoub shaikhڪراچي (رپورٽر) عالمي عدالت پاران في الحال ڪلڀوشن ياديو جي ڦاسي واري فيصلي تي عملدرآمد کان روڪڻ ظاهري طور تي ته هندستان جي فائدي ۾ نظراچي ٿو. پر ڊگهي مدي ۾ اهو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ آهي. هاڻي پاڪستان ڪيترائي اهم معاملا انهي وچ ۾ اٿاري سگهي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ ويڙهه وارو ماحول ڪجهه نارمل ٿيندو. جنهن سان سي پيڪ کي به تقويت ملندي. ڊاڪٽر ايوب شيخ اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ ڊاڪٽر قاسم راڄپر سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته ڀارت ڪيس ۾ موقف رکيو هوته ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي ناهي ڏني وئي ۽ عالمي عدالت ويانا ڪنوينشن جي بنياد تي عمل روڪرايو آهي پر پاڪستان جي آرمي عدالت پاران آرمي ايڪٽ تحت ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو هاڻي جيڪڏهن ڪلڀوشن کي قائونصلر رسائي کانپوءِ ڦاسي ڏني ويندي ته پاڪستان جو ڪيس تمام مضبوط هوندو. سرتاج عزيز به اهو چيو آهي ته اسان جيڪڏهن عالمي عدالت ۾ نه وڃون ها ته هڪ طرفو فيصلو اچي ها ۽ هاڻي اسان سگهارا دليل کڻي عدالت وينداسون. پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته اهو فيصلو حڪومت جي ڪمزور ٽيم ڪمزور دليل ۽ ڪمزور وڪيلن ڪري آيو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف زبردست ميزائل هڻندي موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومت جي ڪمزور تياري نواز جندال ملاقات جو نتيجو آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب جي دوري تي وڃي اسلام جي امن پسندي تي ليڪچر ڏيندو.جڏهن ته هو ساڍا ٽي کرب ڊالر هٿيارن جا معاهدا پڻ ڪندو. تنهن کانپوءِ هواسرائيل ۽ روم وڃي اسلام ۽ عيسائين کي ملائڻ دوريون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو. آمريڪا ٽن خطن کي چونڊي پنهنجو سياسي بال اڇلايو آهي. اي ڊي خواجا واري معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال آهي ته ارڙهين ترميم ۽ 2002 پوليس رول کانپوءِ صوبن کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي ته پوءِ مرڪز کان موڪل ڇو ٿي ورتي وڃي ۽ عدالت سنڌ حڪومت جي ڇو نه ٿي ٻڌي. اي ڊي خواجا سنڌ پوليس لاءِ جيڪو بنياد وڌو آهي ايندڙ آءِ جي کي انهن اصولن ۽ نشانن تي هلڻو پوندو. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

جماعت اسلامي عمران کي نه بچائي، طاهرالقادري انتهاپسند آهي: عائشه گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي