17 آچر , ڊسمبر 2017

لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪندڙن کي ”چور “ڪوٺڻ تي مخالف ڌر جو قومي اسيمبلي ۾ واڪ آئوٽ

Sindh Assemblyاسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف پاران عورت ايم اين اي عائشه گلالئي کي بجلي چور چوڻ تي پي ٽي آءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ نواز شريف چور چور جا نعرا به هنيا. جڏهن ته خواجا آصف رمارڪس واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو. خواجه محمد آصف چيو  ته گذريل ڏينهن پشاور ۾ پيسڪو جي خلاف جن ماڻهن احتجاج ڪيو انهن ٻنهي فيڊرن ۾ 89 ۽ 91 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، انهن کي بجلي نٿي ڏئي سگهجي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته گذريل ڏينهن پشاور ۾ پيسڪو جي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن قومي اسيمبلي ميمبر ان ريلي جي قيادت ڪئي ان جي جنڊو خيل فيڊر ۾ 89 سيڪڙو ۽ ان سان گڏ ٻي فيڊر مان 91 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، اهڙن علائقن کي بجلي فراهم نٿي ڪري سگهجي، اسپيڪر خواجه آصف جي ڪجهه ريمارڪس ڪارروائي مان حدف ڪري ڇڏيا جڏهن ته خواجه آصف جي ريمارڪس تي پاڪستان پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ سميت سمورين مخالف ڌر پارٽين احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو، عائشه گلالئي چيو ته پاڪستان جي عوام سان هر سال بجلي ٺاهڻ جي لاءِ اربين روپيا وصول ڪيا ويندا آهن پر انهن کي بجلي فراهم نٿي ڪئي وڃي، عوام پنهنجي حقن جي لاءِ رستن تي اچي ٿي ته کين چور چيو ويندو آهي، جن علائقن مان 98 سيڪڙو رڪوري ٿيندي آهي اتي به 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته بجلي جي چوري پوري ملڪ ۾ آهي، پارليامينٽرين کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو غربت آهي، سيپڪو ۽ حيسڪو کان وڌيڪ چوري ليسڪو ۾ آهي، ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان ۾ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ان طرح جي نعريبازي سان پارليامينٽ مخالف قوتن کي سگهه ملندي، مخالف ڌر جي ميمبرن سميت سيد خورشيد احمد شاهه مطالبو ڪيو ته وزير کي پنهنجا لفظ واپس وٺڻ گهرجن، ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف چور آهي.خورشيد شاهه چيو ته لاهور ۾ به بجلي جي ايتري ئي چوري ٿي رهي آهي اها ڇو نٿي نظر اچي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے