23 اربع , آگسٽ 2017

گوادر سانحي تي معافي، بلوچ آزادي پسندن کي سنڌين خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي: حاصل بزنجو

jحيدرآباد(رپورٽر) نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير حاصل بزنجي گوادر واقعي ۾ شهيد ٿي ويل سنڌي پورهيتن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گوادر ۾ سنڌي پورهيتن کي شهيد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ سنڌي قوم کان معافي پڻ گهران ٿو، سنڌي ۽ بلوچ قومون تاريخي طور تي صدين کان گڏ رهيون آهن، هڪ ڏهاڪي کان بلوچستان هڪ سازش جو شڪار آهي ۽ بلوچن جي آزادي پسندن کي سنڌين خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. حاصل بزنجو چيو ته بلوچستان ۾ علحيدگي جو نعرو هڻڻ وارا ڀارت جا ايجنٽ آهن، گوادر ۾ سنڌي پورهيتن کي شهيد ڪرڻ ۾ ڀارت ۽ مودي جو هٿ آهي، مودي جو اهو واضح بيان ثبوت طور موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته بلوچستان جا ماڻهو مون کي سڏ ڪن پيا، هن چيو ته بلوچستان ۾ سنڌ جي ماڻهن سان گڏ خود بلوچن کي به ماريو پيو وڃي، ايران ڏانهن ويندڙ زائرين کي به ماريو ويو، حب ۾ پولٽري جي مزدورن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته بلوچستان وڏين مشڪلاتن ۾ گهيريل آهي، هن وقت مذهبي دهشتگردي ۽ فرقيواريت واري دهشتگردي وڏا اهم مسئلا آهن، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ رياست کي عملي قدم کڻڻا پوندا، جڏهن ته دهشتگردي جو اسان سڀ شڪار آهيون، اهڙو مسئلو حل ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ناهي، اهي سڀ ڪم رياست کي ئي ڪرڻا آهن،هن چيو ته سي پيڪ کي مختلف ريجن قبول نه پيا ڪن، جنهن جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته اسان جي پارٽي کي سي پيڪ تي اهي خدشا آهن ته سي پيڪ سان بلوچستان ۾ ڊيموگرافيڪل تبديلي ايندي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندي، جنهن لاءِ بلوچستان اسيمبلي ۾ قانون سازي به ڪريون پيا. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڀلي ترقياتي منصوبن جو ڪم ڪيو وڃي، پر ڪنهن کي ووٽ جو حق حاصل نه هجي، سي پيڪ تحت ڪو به قرض نه مليو آهي، 40 ملين تي سموري سيڙپڪاري آهي، 40 سالن کانپوءِ چائنا پنهنجو منافعو کڻي هلي ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ خراب حالتن جو ذميوار اڳوڻو ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق آهي، هاڻ احساس محرومين جا ذميوار جاگيردار، ڊڪٽيٽر ۽ اسان سڀ آهيون. هن چيو ته آئون انهن بلوچ اڳواڻن کي بلوچستان جو خيرخواهه نٿو سمجهان جيڪي ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن، بلوچستان جي گهڻي صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي وئي آهي، بنجگور، گئج، ڊيرا بگٽي ۽ آواران ۾ اڃا به صورتحال خراب آهي. هن چيو ته گوادار ۾ جيڪي سنڌي پورهيت ماريا ويا آهن، اهو پراجيڪٽ سي پيڪ جو حصو نه هو، ايف ڊبليو او جو به ان ۾ ڪو به ڪردار نه هو، روڊ جو مرمتي ڪم هليو پئي، جتي هي واقعو پيش آيو آهي، اهڙي روڊ جو ٺيڪيدار به اسان جي پارٽي جو ئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن طرفان بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جو هي پهريون واقعو پيش ناهي آيو، پر اهڙا ٻيا به ڪيترائي واقعا پيش ايندا رهيا آهن، نيشنل پارٽي جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪن کي به انهن ئي دهشتگردن قتل ڪيو آهي، بهرحال واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته سنڌي ۽ بلوچ تاريخي طور هڪ کي پيج تي رهيا آهن، ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) اڳواڻ شاهه محمد شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.023041

هي به ڏسي سگهو ٿا

جماعت اسلامي عمران کي نه بچائي، طاهرالقادري انتهاپسند آهي: عائشه گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي