26 جمعو , مئي 2017

شڪارپور ۾ ذاتي تڪرارن جي باهه، ڳڙهي ياسين ۾ 2 اهلڪار قتل

Untitled-7 copyڳڙهي ياسين (رپورٽ: شهمير علي جمالي) شڪارپور ضلعي سميت ڳڙهي ياسين  ۾ قبائلي دهشتگردي تيز ٿي وئي ، ڳڙهي ياسين  ۾ محمد ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۽ خان محمد بروهي جي ڌرين ۾ هلندڙ  خوني تڪرار تان برقعا پهريل هٿياربندن موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڊکڻ ناڪي تي دڪان ۾ ويٺل گلاب  بروهي ۽ نظام عرف صوبو بروهي مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ دڪان تي ويٺل ٻه پوليس اهلڪار گلاب بروهي ۽ نظام عرف صوبو بروهي ٿڏي تي قتل ٿي ويا ، اطلاع تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين  عبدالقادر لانگاهه واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل ٻن پوليس اهلڪارن جا لاش کڻائي ڳڙهي ياسين  اسپتال آندا ، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ، لاش ڳوٺ شير محمد بروهي پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور ذيشان صديقي قتل ٿي ويل پوليس اهلڪارن گلاب بروهي ۽ نظام بروهي جي وارثن سان ملاقات ڪري واقعي بابت معلومات ورتي ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو ڌرين ۾ هلندڙ قبيلائي تڪرار سبب پيش آيو آهي ، گلاب بروهي کي قبائلي تڪرارن سبب ڪشمور ضلعي ۾ بدلي ڪيو ويو هو ، جڏهن ته نظام بروهي کي قمبر ضلعي ۾ بدلي ڪيو ويو هو ، هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪارروايون تيز ڪيون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته بروهي ۽ ڪاڪيپوٽه ڌرين ۾  3 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ بروهي برادري جا 7 ۽ ڪاڪيپوٽه برادري جا 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ، جڏهن ته ڌرين ۾ 1 سال اڳ مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ راڄوڻي فيصلو ڪيو ويو ، جڏهن ته بروهي برادري جي ڌر مٿان پيل ڏنڊ جي رقم مان 32 لک چڱي مڙس وٽ جمع ڪرايا هئا ، پر ڪاڪيپوٽه برادري جي چڱي مڙسن ڏنڊ جي رقم وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ايس پي شڪارپور ذيشان صديقي جي اڳواڻي ۾ شڪارپور ضلعي جي وڏن پوليس اٽالن جو ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽه تي چڙهائي ڪئي ۽ فائرنگ ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، ڪاڪيپوٽه برادري جي ٻن عورتن سميت 12 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس پي شڪارپور ذيشان صديقي ٻڌايو ته بروهي برادريءَ جي ٻن پوليس اهلڪارن کي قبائلي تڪرار سبب قتل ڪيو ويو آهي. بروهي برادري جي چڱي مڙس امام الدين بروهي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان اسان جي مخالف محمد بخش مارفاڻي ڪاڪيپوٽه برادري جي ماڻهن کان قتل ڪرايا آهن ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي محمد بخش مارفاڻي ٻڌايو ته واقعي سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي. گلاب بروهي کي ڳوٺ مائري ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته نظام الدين بروهي کي ڳڙهي ياسين پير ڏاڏا قاسم شاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

pti

مريم نواز جي آءِ ٽي تي اثرانداز ٿيڻ چاهي ٿي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته مريم نواز …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي