25 آچر , جون 2017

عمرڪوٽ ۾ قبضاگيرن جي گهرن ۾ گهڙي فائرنگ، تشدد، ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي، ڌرڻو

Untitled-5 copyعمرڪوٽ ( ڊ ر ) عمرڪوٽ جي جانيداس ڀيل ڪالوني ۾ هٿياربندن مبينا طور ڀيلن جي گهرن ۾ گهڙي فائرنگ ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، تشدد ۾ صالحان ڀيل، پهلاج، راڳو، ڪامل، آسيت، هريان، سوجان، ستيه، هرچند ۽ نيڻو زخمي ٿي پيا. واقعي خلاف متاثر ڌر جي ماڻهن ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙ هرچند، سوجان، ساگر، انوپو ۽ ٻين چيو ته اسان ڊگهي عرصي کان گهر ڊاهي ويٺل هئاسين پر رات هٿياربندن سنجر مهر، ذوالفقار مري، عرس کاڙڪ، جاويد پلي، ابن راهمون ۽ ٻين گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ اسان کي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو. هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار اسان جي گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿيا پر پوليس اسان جو ڪيس نٿي وٺي، معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ ڊائس تان جهيڙو، مريم اورنگزيب کي هٽائڻ جي ڪوشش

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ جي اڳواڻن ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي