17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

يونس خان هڪ دفعو ٻيهر رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

younis khanلنڊن( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽسمين يونس خان هڪ دفعو ٻيهر رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ويسٽ انڊيز مان واپسي تي لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي انٽرويو ڏيندي يونس خان چيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته ماڻهن جي خواهش آهي ته هو اڃا به ٿورڙي ڪرڪيٽ وڌيڪ کيڏي. هن چيو ته منهنجي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هجي ها جيڪڏهن ماڻهو چون ها ته يونس خان ڪڏهن رٽائر ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن وسيم اڪرم، عامر سهيل، سعيد انور، وقار يونس جهڙا رانديگر رٽائر ٿي رهيا هئا ته کين به ڳڻتي هئي ته هو ڇا ڪندا؟ موجوده ڪرڪيٽ ٽيم تي کيس مڪمل اعتماد آهي. يونس خان چيو ته بابر اعظم، اظهر علي، اسد شفيق ۽ سرفراز احمد وڏا باصلاحيت رانديگر آهن ۽ مستقبل ۾ ٽيم لاءِ وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته سرفراز احمد گيم چئنجر آهي ۽ ماڻهن کي به هن مان گهڻيون اميدون آهن، هو ٽيم ۽ پنهنجي راند تي ڌيان ڏي ته تمام گهڻو اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان جي انڪار باوجود سريلنڪا لاهور ۾ ٽي 20 ميچ کيڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان اپل ٿرنگا جي انڪار باوجود سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي