25 بدھ , اپریل 2018

آرٽس ڪائونسل ۾ پينٽنگز نمائش، بلاول ۽ آصفه افتتاح ڪيو

Untitled-3 copyڪراچي (رپورٽر )  ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ پينٽنگز جي نمائش، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ۽ سندس ڀيڻ آصفه نمائش جو افتتاح ڪيو، تقريب دوران بدنظمي، بجلي جي اک ٻوٽ، گذريل ڏينهن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ چترڪاري جي نمائش ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردراري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي، معروف مصور اقبال مهدي جي نائين ورسي جي موقعي تي ان جي ڌيءَ ليزا مهدي جي ٺاهيل پينٽنگز جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ليزا مهدي سان گڏ ربن ڪٽي نمائش جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پاران نمائش ۾ رکيل تصويرون ڏٺيون، نمائش ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس ثاقب سيڪريٽري هو، نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس ڪيئن بڻيو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئب  جاچ ڪري ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے