23 اربع , آگسٽ 2017

ڪراچي ۾ والدين جو پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار، 80 هزار ٻار رهيل

cm murad ali shahڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال سنڌ مان پوليو جو مڪمل خاتمو اچي ويندو، جڏهن ته  صوبائي سرڪار اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ وارثن جي انڪار ۽ ٻين سبب جي ڪري 80 هزار ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ  کان رهجي ويا آهن، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صحت وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، آصفه ڀٽو زرداري، ايم اين اي عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ميئر ڪراچي وسيم اختر، آئي جي پوليس اي ڊي خواجه، ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر براءِ پوليو فياض جتوئي، وفاقي حڪومت، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جا نمائندا  ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ مان پوليو جي خاتمي جو خواهشمند آهيان، ڇاڪاڻ ته اهو خطرو اسان مٿان ڦري پيو  پوليو ٽيمن لاءِ سيڪيورٽي جو خاص بندوبست ڪيو آهي.   هن چيو ته گذريل 5 مهينن جي  رپورٽن کي ڏسي اطمينان ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ڪٿي به پوليو جو ڪيس سامهون نه آيو آهي.  اميد ته هن سال  سنڌ پوليو کان پاڪ ٿي ويندي. فياض جتوئي چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ سڄي ملڪ ۾ پوليو جا فقط ٻه ڪيس آڏو آيا. جن مان هڪ گلگت بلتستان ۽ ٻيو ڪيس پنجاب ۾ هو،  هن چيو ته 2014 ۾ سنڌ ۾ پوليو جا 30 ڪيس 2015 ۾ 12 ٿيو ۽ 2016 ۾ هلندڙ سال اڃا  تائين ڪوبه ڪيس سامهون نه آيو آهي. جنهن تي آصفا ڀٽو پوليو ٽيمن تي زور ڏيندي چيو ته ٻڙي واري انگ کي برقرار رکيو وڃي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ سخت محنت جاري رکي وڃي. فياض جتوئي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پوليو ڪوريج 90 سيڪڙو آهي پر اڃا به 80 هزار ٻارن کي ڦڙا پياري نه سگهيا آهيون جنهن جا ٻه ڪارڻ آهن هڪ ته انهن جي والدين طرفان منع ڪرڻ ۽  گهرن ۾ موجود نه هئڻ. وڏي وزير چيو ته منع ڪندڙ ماءُ پيءُ کي  راضي ڪيو وڃي ۽ مهم جي موقعي تي گهرن ۾ موجود نه آهن، انهن جي گهرن تائين ٻيهر پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو کي هدايت ڪئي ته هو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن (ڊي ايڇ او) جي خالي جاين تي ڀرتيون ڪري ۽ انهن جاين تي ڊگهي عرصي لاءِ ايڊيشنل چارج جي اجازت نه ڏني وڃي. هن چيو ته اسان پوليو ورڪ کي اونر شپ ڏني آهي تنهن ڪري هر هڪ جاءِ تي مناسب طريقي سان ڪم ٿيڻ گهرجي.   اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عورت ورڪرن جي آهي  وڏي وزير ٿرپارڪر، بدين، سجاول، ڪشمور، قمبر، سانگهڙ ۽ سکر ۾ اي پي آئي واري نظام کي پي پي ايڇ آئي حوالي ڪرڻ۽  ڊسٽرڪٽ سرويلنس ڪو آرڊينيٽر (ڊي ايس سيز)/فيلڊ سرويلنس ميڊيڪل آفيسر جون جايون پيدا ڪرڻ جون پڻ هدايتون  ڪيون. فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پوليو جي ٻُڙي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سٺن نتيجن جي حاصل لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

جماعت اسلامي عمران کي نه بچائي، طاهرالقادري انتهاپسند آهي: عائشه گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي