25 آچر , جون 2017

لاکين جو دڙو موهن جي دڙي کان به وڌيڪ قديم آهي: آمريڪي ماهر

] copyڪراچي ( رپورٽ اسد ممتاز رڏ) آمريڪا مان آيل آرڪيالاجسٽجوناٿن مارڪ ڪنائر انڪشاف ڪيو آهي ته لاکين جو دڙو موهن جي دڙي کان به وڏو قديم ماڳ آهي. موهن جي دڙو جي رسم الخط تي وڌيڪ تحقيق جي سخت ضرورت آهي، ان بعد ئي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي واضح معلومات ملي سگهي ٿي. اهڙو اظهار هن ڪالهه عجائب گهرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي نيشنل ميوزيم پاڪستان ڪراچي جي شمشيرالحيدري هال ۾ ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. عجائب گهرن جي عالمي ڏهاڙي تي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران آثار قديمه جي خصوصي نمائش به ڪئي وئي، ان موقعي تي فرانس قونصل جنرل جي ڪلچر اتاچي، جرمني جي قونصل جنرل جي گهر واري، ڊي جي آرڪيالاجي منظور ڪناسرو، ڊي جي ڪلچر خالد چاچڙ، آثار قديمه جي ماهر الطاف اثيم ۽ ٻيا شريڪ هئا. آمريڪا مان آيل آرڪيالاجسٽ جوناٿن مارڪ چيو ته موهن جي دڙو جون مهرون وچ اوڀر ۽ خليجي ملڪن ۾ آنديون ويون، جڏهن ته ان کان پهريان مصر جي تهذيب مان ملندڙ مهرون ۽ رسم الخط تمام مختلف آهي. هن چيو ته لاکين جو دڙو نئون موهن جو دڙو ۽ ان کان به وڏو آهي جيڪو 3 ايڪڙن تي آهي، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ جي تهذيب جا ماڻهو سخت محنتي هئا، سنڌ جي تهذيب مصري، عراقي ۽ ٻين تهذيبن جيان شاهڪار تهذيب آهي، سنڌ تهذيب جي مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن ۽ طبقن وٽ مختلف مهرون هونديون هيون، جيڪي موهن، لاکين ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي مان مليون،  ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سردار شاهه اعتراف ڪندي چيو ته موجوده قديم آثارن جي حفاظت جي لاءِ کاتو آرڪيالاجي سڀ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، سوسائٽي ميڊيا، علم ۽ تدريس سان لاڳاپيل سول سوسائٽي کي به اڳتي اچي ڪري پنهنجي قومي ورثي جي تحفظ لاءِ نه صرف آگاهي مهم هلائي پر پنهنجي تاريخ جي حفاطت جي لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته موهن جي دڙو جي رسم الخط کي سمجهڻ لاءِ هاڻ عالمي معيار تي ڪوششون ئي ڪونه ورتيون ويون ۽ هاڻ ثقافت کاتي فيصلو ڪيو آهي ته دنيا ۾ جيڪي اسڪالر قديمي رسم الخط تي تحقيق ڪري رهيا آهن، اسان انهن کي سنڌ ۾ سڏائينداسين  هن وڌيڪ چيو ته عطامحمد ڀنڀري جي ڪتاب ۾ تحقيق ناهي. ان موقعي تي ڊي جي نوادرات منظور ڪناسرو ۽ آثار قديمه جي ماهر الطاف اثيم پڻ خطاب ڪيو.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ ڊائس تان جهيڙو، مريم اورنگزيب کي هٽائڻ جي ڪوشش

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ جي اڳواڻن ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي