19 خميس , آڪٽوبر 2017

انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو

انصاف جي عالمي عدالت جي جج روني ابراهام پاڪستان سرڪار کي منع ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ ياديو جي باري ۾ عدالت ۾ پيل ڪيس جي آخري فيصلي تائين سندس خلاف فيصلي تي عمل کان روڪيو وڃي. عدالت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ ياديو جي ڦاهيءَ خلاف منع نامو جاري ڪندي کيس بچاءَ جي قونصلر رسائي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

ڪالهه، عالمي عدالت جي جج روني ابراهام ڪلڀوشڻ ياديو واري معاملي تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت مان ڪير به ويانا ڪنوينشن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري عدالت جي فيصلي تي کين عمل ڪرڻ پوندو. هن چيو ته قونصلر رسائي واري معاملي تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف آهن. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل هڪ تحت عالمي عدالت کي ٻڌڻيءَ جو اختيار آهي. جج روني ابراهام چيو ته  ڪلڀوشڻ ياديو وارو معاملو عالمي عدالت جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته عدالت ۾ ثابت ٿيو ته ڪلڀوشڻ واري معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت جو موقف الڳ الڳ آهي. سندس چوڻ هو ته  ڀارت کين ڪيس جي ميرٽ تي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي. عدالت جي جج روني ابراهام فيصلي ۾ چيو ته هو ٻنهي ملڪن ۾ ڪلڀوشڻ ياديو جي تڪرار کي ويانا ڪنوينشن تحت سمجهن ٿا. هن چيو ته کين اميد آهي ته ڪيس جو مڪمل فيصلو اچڻ تائين ڪلڀوشڻ ياديو کي ڦاهي نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪيس جي آخري فيصلي تائين ڪلڀوشڻ ياديو کي ڦاهي نه ڏني وڃي جڏهن ته کيس بچاءَ لاءِ قونصلر تائين پهچي ڏني وڃي.

پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪلڀوشن وٽ 60 ڏينهن اپيل ۽ 90  ڏينهن پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ آهن، قونصلر رسائي جو ذڪر آپريشن آرڊر ۾ ناهي، هن چيو ته عدالت جي حڪم تي مشاورت بعد موقف ڏينداسين، قونصلر رسائي ڏيڻ ۾ سڪيورٽي جو عنصر تمام اهم آهي، هن چيو ته عالمي عدالت انصاف جي فيصلي بعد قانوني ٽيم سان وڌيڪ مشاورت ڪنداسين، اسان جي قانوني ٽيم کي ٽي ڏينهن مليا ۽ انهن تمام گهڻي محنت ڪئي، پاڪستاني وڪيل اسان جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ خاص طور لنڊن مان آيو، ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جي قانوني ٽيم ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو، ايڊهاڪ جج جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان وٽ وقت نه هيو ته ايڊهاڪ جج مقرر ڪري سگهي، جڏهن ته مستقبل ۾ ان باري ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪنداسين ۽ اٽارني جنرل ان حوالي سان ٻڌائي ڇڏيندو.

عالمي عدالت جي فيصلي تي مختلف پارٽين پنهنجي تبصرن ۾ عدالت ۽ ڪيس بدران سرڪار جي طريقن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي عالمي عدالت جي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته جي پاڪستان سرڪار پاران بهتر وڪيل هجن ها، دليل مضبوط ۽ تياري بهتر ڪئي وڃي ها ته اهو فيصلو نه اچي ها.

انصاف جي عالمي عدالت جي ڪارروائي تي پاڪستان تحريڪ انصاف سوال اٿاريندي سرڪار کان پڇيو آهي ته، ائڊهاڪ جج رکڻ، قانوني مشاورت ڪرڻ ، وڪيلن جي مقرري، اٽارني جنرل پاران ترجماني، 15 مئي کان اڳ جواب داخل ڪرائڻ باري ۾ سوالن جا جواب ڏنا وڃن. جڏهن ته،  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، ڪلڀوشڻ جي سزا خلاف عالمي عدالت جي فيصلي تي نواز ۽ مودي ۾ ميچ فڪس جو الزام مڙهي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته جندال جنهن مقصد سان پاڪستان آيو هو ان ۾ اڄ ڪامياب ٿي ويو، ٿي سگهي ٿو فيصلي تي ميچ فڪس هجي، مودي جي پاليسي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي آهي، هو پرڏيهي ملڪن کي به استعمال ڪري پيو. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته عالمي عدالت انصاف مان اهڙي فيصلي جي اميد هئي. هن چيو ته نواز شريف ۽ ڀارتي وزير اعظم مودي وچ ۾ لاڳاپن کان سڀ واقف آهن. عمران خان چيو ته جندال جنهن مقصد سان پاڪستان آيو هو ان ۾ اڄ ڪامياب ٿي ويو، ٿي سگهي ٿو ڪلڀوشڻ بابت فيصلي تي ميچ فڪس هجي. سندس چوڻ هو ته مودي هميشه پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ئي آهي. عمران خان چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف پاڙيسري ملڪن کي به استعمال ڪري پيو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن ۾ ڪلڀوشڻ جو نالو به نه ورتو، جڏهن ته هو دهشتگري ۾ ملوث رهيو ۽ ان جا ثبوت به آهن. پاڪستان جون اهڙيون خراب حالتون ڪڏهن ناهن رهيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي اندر کان کوکلو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اندروني طور مضبوط هجي ها ته پرڏيهي پاليسي به مضبوط هجي ها.

دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جي قومي سلامتي سڀ کان اهم آهي، هن چيو ته ڪلڀوشڻ ڪيس ۾ فيصلو ٻاهرين دٻاءَ بدران قومي سلامتي ڏسي ڪيو ويندو، قومي سلامتي تي ڪو سمجهوتو ممڪن ناهي، هن چيو ته ڪلڀوشڻ تي اڃا رڳو عبوري فيصلو آيو آهي، ڪيس جي معاملن تي اڃا بحث ئي ناهي ٿيو، عبوري فيصلي کي ڪنهن جي هار يا جيت نٿو چئي سگهجي، خواجا آصف چيو ته اڃا ته رڳو فوري طور موت جي سزا تي منع نامو آيو آهي، جيڪو رڳو رسمي آهي.

قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته عالمي عدالت انصاف ڪلڀوشڻ جي ڦاسي روڪي دهشتگردي کي هٿي وٺرائي آهي، عالمي عدالت انصاف ڊاڪٽر عافيه صديقي جي معاملي ۾ مداخلت ڇو نٿي ڪري، ميڊيا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ڪلڀوشڻ جي ڪيس ۾ عالمي عدالت انصاف ڪيئن مداخلت ڪئي، پاڪستان انتهائي ڪمزور ڪيس پيش ڪيو، ٻڌايو وڃي ته ڪلڀوشڻ کي بچائڻ ۾ ڪهڙي اندروني طاقت ملوث آهي.

انهن تبصرن سميت ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين کي گهرجي ته ڪنهن به مامري تي بيهي رهڻ ۽ ان تي ئي پنهنجي سياسي ڪمائي ڪرڻ جهڙا رويا رکڻ سان ڪنهن جي به سياست توڙي ملڪي خدمت جي باري ۾ ڪي به واڌارا نه ٿيندا. ان ڪري هڪ هنڌ سُئيءَ تي بيهي رهڻ به ڪا دانشمندي ناهي. عدالت جي جزوي فيصلي ۽ آخري فيصلي جي وچ ۾ جيڪا به وٿي آهي ان جي باري ۾ سرڪار کي خاص اپاءَ وٺڻ گهرجن.

جمعو 19 مئي 2017ع،  21 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي