11 پیر , دسمبر 2017

بنا پرن جي پکين جو اڏرڻ؟

حافظ سڪندر تنيو

ننڍاهوندا هئاسين، ڳوٺ ۾ اوطاقن منجھه رات جو رهاڻيون ٿينديون هيون، مختلف موضوع ڇيڙيا ويندا هئا. قصا ڪهاڻيون، سماجي، سياسي، مذهبي مسئلا بحث هيٺ ايندا هئا، ڪن جي بهادرين جا قصا ته ڪن جي بزدلين جون ڪسايون ڳائبيون هيون. مذهب جي موضوع تي عجيب ڏند ڪٿائون ڏسيندا هئا. مئلن جون ڪوڙيون ڪرامتون ٻڌايون وينديون هيون.ساڳي سوچ اڄ پنجاهه سال ڄمار ٿيڻ بعد به آھي، اسانجي ماڻهن جا عقل ان ئي جڳهه تي بيٺل آهن، هو ويچارا اڻ پڙھيل اٻوجهھ ماڻھو ويساهه وڪوڙيل هوندا هئا. پر اڄ جا يونيورسٽين جاپڙھيل پروفيسر صاحب به اکيون پوري انڌابڻجي انڌي جي لٺ جي سهاري رستو طئي ڪري رهيا آهن. هڪ پروفيسر هڪ پير کي اڏامڪ پکي کان به مٿي سون پرن وارو ملائڪ پئي سڏيو،ته وري بي مثال دانشور به هڪ ستر سال جي پوڙهي عورت کي پرڻائي پٽ ڄڻائيندي هڪ اخبار۾ علم جا واهڙ وهائي عقل ۽ سائنس کي گهروڙي منهن ۾ ڀونڊاپئي ڏنا.

ڪلالنئون ڪاءِ،مت نه سکئين مون هنئان!

روئندي رات وهاءِ، چِڪائيندي بَٺيون. (شاهه)

ڳالهھ پئي ڪيم ننڍڙائپ جي ته چوندا هئاته فلاڻي پير کي اهڙي ته ڪاني ڪرامت هوندي هئي، جي ڪنهن تي ڪاوڙبو هيوته مرد مان خصي ،آسودي مان ڪنگلوڪندو هيس. جي ڪنهن تي راضي ٿيندو هيو ته سندس گُنديون اناج سان روزانو رات جو ڀري ڇڏيندو هيو.سندس صاحبزادي منجھه به ساڳي ڪرامت منتقل ٿيندي هئي. جو نينگر گهوڙي تي چڙھڻ جهڙو نه هوندو هيو ته حويلي جي اوڏڪي ڀت تي چڙھي کيس چوندو هيو ته هل ڀت ناناڻي کڻي هل، پوءِ ڀت ريل بڻجي ڊوڙڻ لڳندي هئي.مئلن کي جيئرو ڪرڻ ته سندس چپٽي وڄائڻ جو کيل هيو.اڄ به هڪ پير جيڪو ميان نواز ،رئيس صاحب جو گڏيل مرشد۽ مددگار آهي تنهن عمران خان کي به نياپو ڪرايو آهي ته هو به وٽس ٻه ڀيرا پيرين پئي دعا پنڻ اچي،ته کيس وزارت عظميٰ ڏياريانس.مون به سندس اهڙي ٻٽاڪ ٻڌي سندس آستاني تي چار ڀيراويم ،مرشد جي آڱوٺن کي چميم پر پوءِ به پٽيوالي نه ڏياري سگهيم ،چيائين تنهنجي نرڙ ۾ نڀاڳ لکيل آهي مان ڇا ڪيان.ڀاڳ وارا سڃا نه پر آسودا ٿيندا آهن جن جون مرادون پوريون ڪندو آهيان.جو هو آفشور ڪمپنين ۾ مرشد جا شيئربه رکندا آهن تون کي لنگر جي رٻ کارائڻ به ڄڻ چٽي ٿي لڳيم.

ڪالھه منهنجا ڏوهٽامحمد يوسف ۽عبدالمهيمن هڪ مذھبي رسالو کڻي آيا، جنهن ۾ هڪ وڏي تبليغي جماعت واري مولوي جو مضمون هيو. جيڪو حورن  جا حسن ٻڌائيندو آهي. لکيل هيوته سلمان فارسي مداين جو گورنر ٿي ويو. چوريون وڌي ويون گورنر وٽ دانهن ويئي. گورنر چوڪيدار وڌايا پر چورپوءِ به ڪم ڪري پيا وڃن .گورنر چيو کيس قلم ڪاغذ آڻي ڏيو،کيس ڏنو ويو هڪ چٺي جهنگ جي خونخوار جانورن شينهن بگهڙن کي لکيائين، ته چور رات جو چوري ڪن ٿا، اوهين چوڪيداري ڏيو. جيڪوبه رات جوگهٽي ۾ گهمندي ڏسو کيس چيري ڦاڙي ڇڏيو. رات جو جانورن چٺي پڙھي، ڊنب گڏجي آيو سڄي رات گهمندارهيا چور ڪوئن وانگر ٻرن کان ٻاهر ئي نه نڪتا، ايئن جانورن کان به ڪم ورتو ويو. مونکان ڏوهٽا پڇڻ لڳا نانا جانورن کي پڙھڻ ايندو آهي؟ جي انڪار ٿو ڪريان ته ڪافر ٿو ٿيان، چيم بابا اڳي پڙھندا هئا هاڻي جيئن ڪرامتن وارا پير ڪرامتون نٿا ڏيکارين،تيئن جانورن به سنڌي شاگردن جيان اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. سو ٻيلي اخبارن ۽ رسالن وارؤ اهڙا بنا پرن جي پکي ته نه اڏرايو، جو ٻاراسان کان سوال ٿاڪن کين ڪهڙو جواب ڏيون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي سياسي ڌرين وٽ عوامي مسئلن جو ادراڪ ناهي ؟

ذوالفقار  واهوچو سنڌ اندر جيڪا سياست هلي رهي آهي، ان جي ايمانداراڻي جائزي جي سخت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے