24 اربع , مئي 2017

آهيان مان آهيان،آهيان مان تو کان اڳي !!

محمد خان دائود

پهرين ڀلي ملير جي سڃاڻپ اُنهن وڏن وڏن باغن  سان هجي.جيڪي ملير جي سڃاڻپ جو سبب هُئا.پر هاڻ ايئن ناهي.هاڻي ملير ۾ ڪٿي به باغ ناهن.باغ ته ڇا پر ملير جا اصل ۽ پراڻا رهواسي ان ڌرتيءَ کي ملير مڃڻ لاءِ تيار ناهين جيڪي هن وقت ابراهيم حيدري کان ويندي درساڻي ڇني .سهراب ڳوٺ کان ويندي ملير جي لنڪ روڊ تايئن آهي. جتي اڪثر هاف فراءِ جون وارداتون ٿينديون رهن ٿيون!  انهن ڳوٺن کي ڪا خبر ناهي ته اهيو ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟! جيڪي ڳوٺ ڪٿي آهن انهن ڳوٺن کي پاڻ خبر ناهي.۽ملير ڪٿي آهي انهن ڳوٺن کي خبر ناهي!.وڌيڪ پري نٿا وڃون سنڌي ٻولي جي مهان دانشور ڏاهي ۽ ڪهاڻيڪار ممتاز مهر سان هڪ نشت ڪيو تڏهن به اوهان کي خبر پئجي ويندي ته ملير ڇا هو؟۽ڇا هاڻي جيڪي ڌرتيءِ جو ٽڪر بچيو آهي ڇا اهيو ملير آهي ان لاءِ اهيو ضروري ٿي پيو آهي ته  ممتاز مهر صاحب ملير تي ضرور لکي  ۽ اسان کي ٻڌائي ته ملير سان ڇا وهيو واپريو آهي.اُن لاءِ جو ممتاز مهر صاحب پنهنجي حياتي جا پنجاھ کن سال ملير جي سيني تي گهاريا آهن ۽ اڄ اُهو به ملير جي ايئن به نام ٿي وڃڻ تي ايترو ئي ڏکارو آهي جيترا اُهي گبول يا ڪلمتي جنهن لاءِ ملير ڪا زمين جو ٽڪر نه پر ماءُ آهي .اُهي اهڙي ماءُ جنهن لاءِ استاد بخاري لکيو هو ته:

”هونئن مٽيءَ جي چپٽي آهيان

جئي ديس ته پوءِ ڌرتي آهيان“

انهن ڪلمتين جوکين.گبولن لاءِ ملير ڪڏهن به ڌرتي نه پر ديس رهيو آهي هڪ اهڙو ديس. جو پنهنجو هُجي .هڪ اهڙو ديش جيڪو ڪڏهن به پرائو نه ٿئي.پر هن وقت ملير ۾ جوکيا.جت گبول ۽ ڪلمتي سڀ موجود آهن پر ملير نه ديس آهي نه پنهنجو! بس ڌرتيءَ جو ٽڪر آهي. اُهو به پرايو!

ملڪ رياض جو!بحريا ٽائون جو!اميرن جو !

۽ ملير ڪئين پنهنجي ئي نيڻن م نير وهايا آهن؟ اُهو ملير جيڪو موکيءَ جي اوطاق هو، جتي متارا اچي مئي پيئندا هُئا.جتي ڀٽائي اچي پنهنجو تڪيو ڪندو هو.جتي موکي مئي جا مٽ ڀري رکندي هُئي. اڄ ان ملير تي بلند ۽ بالا عمارتون ٺهن ٿيون.۽موکي ماتم ڪري رهي آهي.پر ڪير به نٿو ڏسي سڀني ملير واسين کي بحريا ٽائون ته نظراچي ٿو.پر ڪنهن کي به اهيو نظر نٿو اچي ته جڏهن اُهي بنلد ۽ بالا عمارتون ٺهي راس ٿينديون ته ملير واسي نه پر پاڻ ملير ڪٿي ۽ڪيڏاهن در بدر ٿيندو ۽ ڪٿي رهندو.ڪٿي هوندو ملير جو پنهنجو گهر؟!

هن وقت بچيل سچيل ملير پنهنجو پٽڪو لاهي بحريا ٽائون جي مالڪ رياض ملڪ جي اوطاق جي ٻاهران بيٺو آهي۽ ملڪ رياض جا نوڪر  اُن ملير کان پڇن ٿا ته“ باقي زمين ڪٿي آهي“۽  اُتي بيٺي ئي بيٺي اُها ملير پنهنجي آڱر سان اشارو ڪري ٿيو. پوءِ ان کان ڪنهن خالي ڪاغذ تي آڱوٺو هڻايو وڃي ٿو ملير پنهنجو مس سان رڱيل آڱوٺو هن پني تي هڻي ٿو،پئيسن سان ڀريل لفافو هن جي پوڙهن هٿن ۾ ملي ٿو ملير پنهنجي ڪمزور پيرن سان ملڪ رياض جي اوطاق کان گهر لاءِ واپس ٿئي ٿو پنهنجي گهر لاءِ.پر ڪهڙي گهر لاءِ؟!

ڪٿي آهي ،ملير جو گهر؟

ٿوري دير اڳ ته ملير پنهنجو گهر وڪڻي چڪو آهي.

هاڻي مليرهڪ گندي ناليءَ جي ڀر سان ويهي رهيو آهي پر اُن ملير کي اُن گنديءَ نالي تي ڪير ڪيتري دير وهڻ ڏيندو۽ ملير جي اهڙي حالت تي سموري شهري آبادي.ملير جي هيڻي حال تي کلي رهي آهي.تماشو ڏسي رهي آهي.ملير روئڻ ٿو چاهي پر روئي به نٿو سگهي!

پر سوال اهيو آهي ته ملير ايئن بي گهر ٿيو ڪيئن؟ ملير مان اگر ڪوئي مئو آهي ته هڪ انسان مئو آهي باقي ته سڀ جيئرا آهن پوءِ به ملير هٿن مان ايئن ترڪي ويو  جيئين ندي تي کيڏندڙ ٻار ترڪي وڃي ۽ ان جي اُها ماءُ جنهن نديءِ ڪناري تي ڪپڙا ڌوتا پئي پنهنجا هٿ ملندي رهجي وڃي.پر ملير جي هٿن مان ترڪڻ تي اهيا وڏي بد نصيبي رهي آهي جو ملير واسي پنهنجا هٿ به نٿا مهٽين. جئين اُن ماءُ پنهنجا هٿ مهٽيا هُئا ملير واسي پنهنجا هٿ مهٽين به ڇو ؟اُهي ته پنهنجا کيسا ۽ بينڪ اڪائونٽ ڏسن ٿا ته هٿن تايئن ۽ بينڪ اڪائونٽ تايئن ڇا پهتو؟ انهن کي پرينءَ جو انتظار ڪڏهن به ڪو نه رهيو آهي انهن کي ته لڇميءَ جو انتظار رهيو آهي جيڪا ملڪ رياض جي مندر بحريا ٽائون تان ملي وڃي ٿي ته پوءِ اُهي اُن ماءُ وانگر پنهنجا هٿ ڇو مهٽين؟

پر وري به سوال ساڳيو آهي ته ملير ايئن بي نام ڪيئن ٿيو؟ ۽ ملير جي سيني تي اُهو ڪاريهر نانگ پنهنجي ٻچن سودو ڪئين اچي وارد ٿيو.ان سوال کي سمجهڻو پوندو.وري پنهنجي هتي ڳالھه لکڻ چاهيندس ته جيڪڏهن ملير مان ڪوئي هليو ويو آهي وري نه ورڻ لاءِ ته اُهو بس هڪڙو عبدلله مراد آهي،جيڪو ملير جي پٿريلي زمين تي ڪريو ۽ دائود ڳوٺ جي مٽيءَ سان ملي ملير ۾ جزب ٿي ويو باقي ڪردار ته سڀ موجود آهن پوءِ بحريا جو نانگ ڪيئن ملير کي کائي ويو؟

حڪيم بلوچ موجود آهي،ساجد جوکيو موجود آهي.شير محمد بلوچ موجود آهي.جت برادر موجود آهن ملير جي ننڌڻڪن ماڻهن کان وقت سر ووٽ وٺڻ وارو مظفر شجراع موجود آهي.سستا ڄاموٽ موجود آهن. مهانگا سيد موجود آهن.ڄام بجار موجود آهي ڪير اهڙو آهي جيڪو موجود ناهي.سواءِ عبدلله مراد جي!

ملير ۾ صحافي موجود آهن .اديب موجود آهن .دانشور موجود آهن.ساڃاھ وند موجود آهن.راڳي موجود آهن.سياسي ڪارڪنن جي تي لانڍ موجود آهي. قوم پرست موجود آهن.ڪير اهڙو آهي جيڪو ملير ۾ موجود ناهي سواءِ عبدلله مراد جي!

بحريا ٽائون جو ڪم ڪو هڪڙي ڏينهن ۾ پنهنجي تڪميل تي نه پهتو آهي اهيو هڪ وڏو ۽ مهانگو پروجيڪٽ آهي.ڪئي سالن کان جاري آهي ۽ ڪيترن ئي سالن تايئن هن کي هلڻو پوندو پر اهيو ايترو زهر آلود ثابت ٿيندو جو اسرائيل جو فلسطين ۾ ٺهي وڃڻ به هن جي اڳيان ڪائي معنيٰ نٿو رکي.

 

ته پوءِ اُهي سڀئي ڪردار اڳ ڇو خاموش هُئا جنهن کي سياسي ٻولي ۾ اسٽيڪ هولڊر چيو ويندو آهي.

ملير ۾ اهڙا دانشور به موجود آهن جنهن کي سمورو لطيف حفظ ٿيل آهي ڇا اُهي لطيف جا حافظ دانشور لطيف جي هن قول کي نه سمجهي سگهيا ته:

“جڏهن ٻورا پئي سبيا اٺن تڏهن ئي رڙڻ شروع ڪري ڏنو هوُ“پوءِ به ملير جي دانشورن جي اهڙي نا سمجهي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

ملير ۾ ان بحريا ٽائون خلاف ڪئي اتحاد جڙيا آهن ۽ ڪئي اتحاد ٽٽا آهن جيترو تڪڙو اتحاد ٺهيا آهن اوترو تڪڙو اتحاد ڀڄي ڀور ٿيا آهن ۽ دانشورن پنهنجن اتحادن جا ايترا ته مشڪل نالا رکيا آهن جو انهن نالن جو مطلب نه ملير سمجهي سگهيو آهي نه ئي غريب ملير واسي!

ملير ۾ بحريا ٽائون تيزي سان ٺهي رهيو آهي ملڪ جا امير ماڻهو ان بحريا ٽائون ۾ پنهنجا گهر خريد ڪري رهيا آهن.ملڪ رياض پنهنجي دوستن کي ان ملير جا حصا پتيون ڪري  ڏئي رهيو آهي، سمورو ملير وڪامجي چڪو آهي.ملير جا ننڍا ڪمدار پنهنجي ماءُ جهڙي ڌرتي وڪڻي هاڻي ڪمدار مان رئيس ٿي ويا آهن.

باقي ڪير بچيو جنهن پنهنجي ماءُ جهڙي ملير نه کپائي اُهي صرف ٻه فرد آهن جنهن لاءِ اياز چتر ڪار کي چئي رهيو آهي ته هن جي ويهي چتر ڪاري ڪر.ايازاُن چتر ڪار کي چئي رهيو آهي ته:

“آهيان مان آهيان

آهيان مان توکان اڳي

ويهي چترڪار جئين،توکي ٿو ٺاهيان

توسان پنهنجي مورتي، پل پل ورهايان

مان جو تنهنجو روپ هان،توکي ٿو چاهيان

اوري آءُ اروپ مان،روپ سڄا ڊاهيان“

چتر ڪار انهن ٻنهي جي تصوير ٺاهي هليو ويو آهي پر هاڻي ملير ۾ ايتري به سگهه ناهي جو اُها انهن ٻنهي جون تصويرون ڪنهن چوراهي  تي ٽنگي سگهي ۽ سڀني کي اهيو ٻڌائي سگهي ته ايئن ڪبي آهي مالڪي! ايئن رکبو آ ماءُ جو خيال!!!

ان تصويرمان هڪ هليو ويو آهي.پر هڪ موجود آهي،جيڪو اڄ جڏهن سمورو ملير  هٿن مان ترڪي ويو آهي تڏهن به انڪار جي علامت بنيو بيٺو آهي،نه هُن کي رياض ملڪ جي دهشت جو ڪو ڊپ آهي ۽ نه هن کي انهن ڏوڪڙن ديوانو ڪيو آهي جنهن ڏوڪڙن سڀ داناءَ ديوانا ڪري ڇڏيا آهن. اُن کي ڪنهن جو به ڊپ ڪونهي.اُهي مرد آهن.آهي مجاهد آهن.اُهي نه ڪڏهن جهڪيا آهن.نه ڪڏهن وڪيا آهن.انهن کي ڪير به خريد نه ڪري نه سگهيو.پراڻا شڪاري انهن لاٰءِ نوان ڄار کڻي آيا. پر اُهي شڪار نه ٿيا.انهن مان هڪڙي کي گولين جي نظر ڪيو ويو ۽ ٻئي کي هن هيڏي ولر ۾ ايئن اڪيلو ڪيو ويو.جئين شاھ لطيف جي ڪونج کي ولر کان ڇني ڌار ڪيو ويو هو.

اُهي بس ٻه آهن.

عبدلله مراد!

۽ماما فيض محمد گبول!

عبدلله مراد جي قبر پراڻي ٿي وئي.عبدلله مراد ماڻهن کان وسري ويو پر ملير کان نه وسرندو ۽ ڪيئن وسرندو؟!

۽ٻيو آهي ماما فيض محمد گبول جيڪو مايا جي مُنهن ۾ نه آيو آهي.ماما فيض گبول جي ملير ۾ ڪو هزارين ايڪڙ ٻني ناهي اُن وٽ ته بس چند ايڪڙ ٻني آهي.پر هو پنهنجي اُها ماءُ جهڙي ٻني نٿو کپائڻ چاهي.جڏهن ته ٻين پيٽ ڀريل ملير جي ماڻهن پنهنجي هزارين ايڪڙ ٻني وڪڻي پنهنجا اڪائونٽ ڀري ڇڏيا آهن پر فيض گبول جي پراڻي قميض جا ڦاٽل کيسا بلڪل خالي آهن پر ان جو دل مطمعن آهي ته اُن ماءُ نه کپائي.اڄ جڏهن ملير جي سيني تي بحريا ٽائون ڪنهن نانگ جيئان ڪُر کنيو بيٺو آهي تڏهن بحريا ٽائون جي وچ ۾ چند ايڪڙ خالي ماءُ جهڙي ڌرتي پنهنجي پٽ فيض گبول کي ڏسي ٿي ۽ مسڪرائي ٿي.

هن وحشت ۽ دهشت جي دور ۾ انڪار جي علامت صرف فيض گبول آهي اُهي هزارين ڪلمتي.اُهي هزارين جوکيا.اُهي هزارين بلوچ.اُهي هزارين بجار.اُهي هزارين ڄام.بس پاڻي جو هڪڙو ننڍڙو بلبلو ثابت ٿيا آهن جيڪي ملڪ رياض جي ڏوڪڙن جي گرمي نه سهي سگهيا ۽ هوا ۾ ايئن تحليل ٿي ويا، جيئن اڄ ملير بحريا ٽائون ۾ تحليل ٿي ويو آهي.

سلام آهي ماما فيض کي پوءِ به مان اُن لاءِ نه لکان ته:

”ڪير وٺي ٿو تنهنجو نانءُ

چنڊ وٺي ٿو

شايد!شايد!“

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي