17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

زندگيءَ جو انڌو موڙ ۽ گم ٿيندڙ سونهري لڪير

امداد سومرو

نوٽ: نامياري صحافي ۽ ليکڪ امداد سومري ”روزاني عوامي آواز“ لاءِ هفتيوار ڪالم لکڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي، پڙهندڙ هر جمعي تي سندس ڪالم پڙهي سگهندا. امداد سومري کي ”عوامي آواز“ لاءِ لکڻ تي ڀليڪار…ادارو

 

ڪي جيل جون پٿريليون ديوارون سماج کي قيديءَ کان نه ٿيون بچائين پر دراصل اهي قيديءَ کي سماج کان بچائين ٿيون).

اهڙو ڪجهه ڇا ٿيو آهي جو اسان جو هر ماڻهو هڪڙي ڀالي، هڪ خنجر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هڪ پروپئگنڊا مشين ٿي چڪو آهي، هڪ مافيا بڻجي چڪو آهي ۽ پنهنجي حيثيت آهر بليڪ ميلنگ جو ٽيگ ٿي پيو آهي ۽ سڀ کان اهم ٻئي جي اعتماد تي کيڏڻ هن جي پاپولر گيم ٿي چڪي آهي. فيس بوڪ تي ڏسو پيا ڇا ٿي رهيو آهي. ڏسو پيا ته ڪيتري نه بيرحميءَ سان ماحول ڪجهه اهڙو جوڙيو آهي جو ڪوئسلر جي اها ڳالهه دل تي هري آئي آهي.

اهو سڀ ڪجهه رياست جي ڪارستاني آهي، ان روح چوسيندڙ سسٽم جو ڪيو ڌريو آهي جنهن ماڻهوءَ کان هن جو ڪردار ۽ قدر کسي ڇڏيا آهن ۽ ان کي پنهنجي مفاد لاءِ ٻئي جي حق تي لت ڏيڻ ۽ پنهنجي مقصد لاءِ ٻئي جو گلو وڍڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو ڪجهه ڇا ٿيو آهي جو فرد پنهنجي الڳ سڃاڻپ ختم ڪري هڪ اڻ جهل ڌڻ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، هڪ ٽرائب بڻجي چڪو آهي جو هو ڄاڻي ٿو ته اسان جي سماجي نيم ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ جي قيمت ڇا ٿيندي آهي ۽ ڇا ٿي سگهي ٿي؟

اها زندگيءَ جي تيز رفتار ٽرين مان لهڻ ۽ چڙهڻ جي ڳالهه نه آهي؛ اها ٻئي کي پوئتي ڌڪي پاڻ کي اڳتي آڻڻ واري نفسيات آهي، انڌي نفسيات…. ائين آهي ته منهنجو تولي جو وزن آهي ته مان ان حد تائين ٻئي کي ڌڪڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان ۽ جنهن وٽ پاءُ جي طاقت آهي ته اهو ان وزن آهر ۽ جنهن وٽ سير جي طاقت آهي اهو ان درجي جو رهزن ڀيڙئو ٿي چڪو آهي.

رياست بي رحم ٿي سگهندي آهي ۽ اها رياست جنهن ۾ ماڻهو محض شماريات هجي ۽ جتي ان جي ڪا به وقعت نه هجي.. پر پوري قوم ۽ هر فرد جڏهن پاڻ ۾ هڪ ننڍڙي رياست بڻجي وڃي يا هڪ قبيلو، هڪ سردار….يا قبيلي جي سردار جي پاڇي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏئي…. انتهائي تيزيءَ سان اسان هڪ اهڙي سماج ۾ تبديل ٿيا آهيون جو ٻيو ته ڇڏيو اسان اها به اميد لاهي ويٺا آهيون ته ڪو اسان وٽ تبديلي ممڪن به آهي؟

اهو زندگيءَ جو اهڙو انڌو موڙ آهي جو ڪائي سونهري لڪير نظر نه ٿي اچي يا واقعي به هر قدم ۽ هر لمحي هڪ نئين ازدها، زندگيءَ جي هر شعبي جي صورت ۾ سامهون بيٺل آهي ۽ پنهنجي تلخ تجربي ۾ لوڙهيو ڇڏي. اهڙو ڪجهه ڇا ٿيو آهي جو اسان مان هر ڪو ٻئي کي شڪ سان ڏسڻ واري تيز ڇري بغل ۾ کنيو هلي…. اهو سڀ ڪجهه ڀڃ ڊاهه وارن سماجن جا الميا آهن پر اسان وٽ ته بي رحم جمود جو پاڇو ئي نه ٿو لهي.

نه منهنجي ديس جون گليون ۽ نه گيٽ بدليا ۽ نه گس…. نه رهڻي ڪهڻي ۽ نه تمنائن جي اها بارش هاڻ وسي ٿي….پوءِ اهڙو ڪجهه ڇا ٿيو آهي جو اسان جو ماڻهو نه اهو پراڻو ماڻهو رهيو آهي ۽ نه نئون نڪور ٿي سگهيو آهي؟

اهو درست آهي ته شاعري ٿي رهي آهي. ساريالي ۾ حسن درس جي شاعريءَ جو هڳاءُ اڃا رچيل بسيل آهي ۽ اياز جي شاعري اڃا به اندر ۾ ساڳي شدت سان گونجي رهي آهي ۽ ڀڳي ٽوڙهي وٽ سلامي ڏئي رهي آهي ۽ فيض جي شاعري اڃا به  يار جي اميد، نظر جي مزاج ۽ درد جي هر رنگ جيان موجود آهي. پر اها شاعري ڪجهه بدلائي ڇو نه ٿي سگهي؟ شاهه جو رسالو محض رسالو ڇو آهي ان اسان جي ڪردار کي ڇو شيهي مان نه گذاريو آهي؟ ماڻهو ڪرپٽ ائين ته نه ٿيندو آهي، هن کي ڪرپٽ ڪرڻ کان بچائڻ وارا هٿ ڪٿي آهن؟ (۽ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ جڏهن سڀ هٿ ڪرپٽ ٿي وڃن تڏهن صاف شفاف چشمي جهڙو ڪو هٿ اڳيان نه ايندو آهي).

قومون ايئن نه مرنديون آهن، فرد ائين نه مرندا آهن جيئن اسان وٽ ٿي رهيو آهي. ڪامريڊ اسٽالن روس جي ماڻهو سان ڇا ڪيو هو؟ آخر ۾ ڪير ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. روس جو ماڻهو پوءِ محاذ تي وڙهندڙ ان سپاهي جيان هو جيڪو آرڊر ته وٺندو آهي پر هن کي معلوم نه هوندو آهي ته سامهون ڇا آهي ۽ هو ڇا لاءِ وڙهي رهيو آهي. جي معلوم هوندو به آهي ته ان جي صحيح ۽ غلط جي پرک نه هوندي آهي.

پر اتي پاسترناڪ (Pasternak) ضرور هو، جنهن ڌنڌ ۾ حقيقت جي الڪي کي ڏٺو ٿي. ۽ ائنا اخموتوا جا نظم هئا. يسنين (Yesnin) جا محبت ڀريل گيت هئا…. هنن جي سندي اندر جو آئينو چڪناچور ٿي چڪو هو پر هنن جي آرٽ ان زوال سان وڙهي رهي هئي جيڪو تڏهوڪي روس جو مقدر بڻجي چڪو هو. ان جي ابتڙ اسان زوال سان نه پر اسان اڃا وڌيڪ زوال پذير ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهيون.

اسان جي پبلڪ ۽ پرائويٽ زندگي اڪيچار تضادن جو شڪار آهي. سياست ٿي نه رهي آهي پر سياست وڪرو ٿي رهي آهي. ادب زوال جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه نظم آهن جيڪي ياد جو حصو ٿي ويا آهن… سڀ مقصد عظيم ٿيندا آهن جي اهي مفادن ۾ تبديل ٿي نه وڃن. اسان جي سياست هاڻ اسٽيٽ ايجنسي جي ايجنٽ وانگر ٿي وئي آهي. ڪيترن ئي پنهنجا دڪان بهترين نالن سان سجائي رکيا آهن…. جذبا ۽ ڪازز ائين وڪرو ٿيندا، ڪنهن ٿي سوچيو…

اسڪيپزم؟ پر ڪيڏانهن، ڪنهن کان؟ ۽ ماڻهو ايسين محفوظ آهي جيسين هن جي دل هن وٽ آهي يا جنهن اڃا تياڳ جو خيال نه لاٿو آهي. هاڻ جڏهن پکيءَ جي پرن پويان سورج لهڻ واري گهڙي اچي چڪي آهي تڏهن نه اُها آس رهي آهي ۽ نه مئه پيئڻ جي آس جيئن فيض صاحب چيو هو:

گل کلين هين نه ان سي ملين هين، نه مئه پي هي

عجب ڪي اب ڪه بهار گذري هي…

سڀ کان وڌيڪ ڪراهت آميز شيءِ (شايد) لکڻ آهي… سڀ کان عمده ترين شيون جي ڪي آهن ته پڙهڻ، پيئڻ ۽ رلڻ آهي…. سدائين رلڻ… جو تون ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي منزل جيان ملندينءَ يا جي نه ته اها اميد به کوڙ آهي….

۽ مان، ڪافي وقت کان حسن جي ”وطن ۾ بي وطن عاشق معشوق“ جي ملڻ ۽ نه ملڻ ۾ فرق نه هجڻ واري ڪيفيت تي سوچي رهيو آهيان…. وطن ۾ بي وطنيءَ جي ڪيفيت ڇو ۽ ڪڏهن پيدا ٿيندي آهي ۽ ڇا لطيف ان کي ”ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري سٽ ۾ نه سمايو هو؟

لکڻ، جي ڪڙهڻ واري عمل مان نه ٿو گذري ته محض واپار ٿيو وڃي جيڪو اسان وٽ وڏي ٿوڪ سان ٿي رهيو آهي. جن دنيا بدلائڻ چاهي اهي پاڻ بدلجي ويا. رڳو زندگي دشمن قوتون متحرڪ ۽ گڏ آهن ۽ زندگي بخش قوتن ويڙهه کان اڳ شڪست مڃي ورتي آهي ۽ جن کي اهو زعم آهي ته هو اڃا ويڙهه واري ميدان تي لٿل آهن اهي ٻين کي نه پر پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهن. (ڇو ته هو ڪا به ويڙهه نه پيا وڙهن…اهي پنهنجي ٽرائب جي ويڙهه پيا وڙهن دراصل)…

۽ باقي رهيل ماڻهو، اڌ ماڻهو، شاعر چواڻي، سستي سگريٽ جيان سڙي رهيو آهي….يا هو ڄڻ عمر جي آڱرين مان ڦلن جان ڇڻي رهيو آهي. ۽ ان ۾ نه حيرت جي ڳالهه آهي ۽ نه اڇنڀي جي…. وقت جي دستورن ۾ اهو سمايل آهي. ۽ جيڪو ٽرائب سان نه آهي اهو ئي سگريٽ سستي جيان سڙي ۽ ڇڻي رهيو آهي. ان کي ڪير بچائيندو؟ ڪير انهيءَ SOS جو مستحق آهي… علامتون ٻڌائين ٿيون ته ڪوئي به نه….

مان 22، 23 سالن کان لکي رهيو آهيان. انهيءَ لکڻ مان اوهان ڊيلڪس ڇا نان ڊيلڪس به افورڊ ڪري نه ٿا سگهو. ته پوءِ ڇا لاءِ لکجي؟ اتساهه جا سبب ڏينهون ڏينهن مري رهيا آهن… پر نه، پوءِ به لکجي رهيو آهي انهيءَ انڌي مسافر جيان جيڪو روشنيءَ کان محروم پر اڳتي ڏڌندو رهندو آهي. هاڻ هنن ڪارن ڪوجهن لفظن ۽ شام جي پاڇولن ۾ ٿورو فرق رهيو آهي پر پوءِ به جيئن فيض صاحب چيو هو، چلو چلين ڪه وه منزل اڀي نهين آئي… زندگيءَ جو شو ڪٿي نه ختم ٿئي. اهو وقت جي سرڪس ۾ جاري رهي ٿو انت پار تائين…

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي