21 سومر , آگسٽ 2017

چين جو نئون عالمي سماجي معاهدو

زاهد  حسين

چين ويجهر ۾ ئي 29 ملڪن جي رياستي ۽ حڪومتي سربراهن کي سڏائي ”هڪ خطو، هڪ شاهراهه“ جي سري هيٺ جيڪو فورم ڪوٺايو سو اڀرندڙ نئين جاغرافيائي، معاشي، سماجي معاهدي بابت سندس دعوائن کي هٿي وٺرائي ٿو. هيءَ سربراهي ڪانفرنس، جنهن ۾ دنيا جي ٻين چاليهه ملڪن ۽ مالي ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي، سو ان ڳالهه جو چٽو پِٽو اظهار هو ته چين پنهنجي پرائي پرڏيهي پاليسي جي پچر ڇڏيندو، جنهن کيس عالمي سطح جو ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪي رکيو هو.

چين جو اربين ڊالرن جو ون بيلٽ، ون روڊ (هڪ خطو، هڪ شاهراهه) وارو بنيادي ڍانچي وارو منصوبو جيڪو پراڻي شاهراهه ريشم کي يورپ سان ملائيندو، چين جي وڌندڙ جاغرافيائي ۽ سياسي مزاحمتن جو چٽو مظهر آهي. اهو منصوبو چيني صدر شي جن پنگ جو خيال آهي، (جيڪو مائوزي تنگ کانپوءِ شايد چين جو طاقتور اڳواڻ به آهي)، اوبور نالي سڃاپجندڙ هن منصوبي تي عملي طور گذريل چئن سالن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن منصوبي ۾ دنيا جا 68 ملڪ شريڪ آهن ۽ عالمي مجموعي پيداوار جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هن تي خرچ ٿي رهيو آهي.

چيني صدر چين کي عالمي دنيا جي مرڪز ۾ آڻي بيهارڻ واري خواهش، چين جي اڳوڻن سربراهن جي سوچَ جي ابتڙ آهي، جيڪي ”پنهنجون صلاحيتون لڪائي رکو، پنهنجو وقت اچڻ جو انتظار ڪيو ۽ ڪڏهن به گوءِ کڻڻ جي ڪوشش نه ڪيو“ تي يقين رکندڙ هئا. اهو ئي سبب آهي جو چين گذريل ٻن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي کان عالمي تڪرارن ۾ پوڻ کان پاسو ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجون سموريون توانائيون پنهنجي ترقيءَ تي لڳائڻ تي ڌيان ڏيندو رهيو آهي، جنهن کيس معاشي سپرپاور بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.

چين طرفان اهڙي وقت عالمي قيادت سنڀالڻ جي ڪوشش، جڏهن عالمگيريت مخالف طاقتور لهر اولهه جي دنيا کي ٻهاري رهي آهي، تڏهن اهڙي پيش رفت وڌيڪ محفوظ صورتحال ڏانهن واپسيءَ واري ماحول جو ڏسُ ڏئي ٿي.

ٽرپ جي قيادت هيٺ آمريڪا دنيا کي ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري چين لاءِ گنجائش ۽ موقعو پيدا ٿيو آهي، تعجب نه ٿيڻ کپي ته اوبور واري منصوبي ۾ منصوبي تي لاڳت ۽ نفعي جي پرواهه ڪرڻ بنا ايشيا ۽ آفريڪا کان ويندي يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين جاملڪ وڏي پيماني تي شريڪ ٿي رهياآهن. يقيني طور چين جي پرڏيهي ڪمپنين لاءِ در کولڻ کان انڪار تي اعتراض ۽ خدشا هئڻ ڪري ئي بيجنگ واري هن سربراهي ڪانفرنس ۾ چند يورپي ملڪن جي نمائندگي ئي ڏسڻ ۾ آئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيني صدر زي چين جي هڪ هٽي ڪرڻ واري تاثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻين ملڪن کي به هن منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوٺ ڏني.

چين انهن 67 ملڪن م 168 ارب ڊالر ساليانو مَس خرچ ڪري ٿو، جن هن منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جو معاهدو ڪيو آهي، چيني سرڪار جي انگن اکرن موجب اوبور واري منصوبي تي لڳ ڀڳ هڪ کرب ڊالر اڳ ئي خرچيا ويا آهن، جڏهن ته کربين ڊالر ايندڙ وقت ۾ هن منصوبي تي خرچ ٿيڻا آهن. ايئن ڪري چين ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندڙ مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن لاءِ وڌيڪ نفعي جا موقعا هٿ ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، ڇو ته سندس اهو ناڻو آمريڪي سرڪار جي ڪمپنين ۾ گهٽ وياج تي سيڙايل آهي.

اها ڳالهه بهرحال واضح آهي ته اوبور وارو منصوبو رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ وارو منصوبو ناهي پر ان جو مکيه مقصد آمريڪي اڳواڻيءَ ۾ ڪمپنين ۽ حڪومت جي هڪ هٽي ٽوڙيندي يورپي/ ايشيائي خطي کي معيشت ۽ واپار جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان مان جاغرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿيڻ توڙي نين طاقتن کي ڳنڍڻ جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ اها ڪوشش واپاري مرڪز اوڀر ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ عالمي سياست ۾ چين جو ڪردار وڌائڻ جو به ڏسڻ ملي ٿو.

بهرحال چين جي ان ڪوشش ۾، روس وڏي مدد فراهم ڪئي آهي، جيڪو جنهن مان ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ سهڪار ۽ دفاعي حصيداريءَ جو به ثبوت ملي ٿو. روس اهم مفاد به علائقائي سلامتي ۽ واپاري بلاڪ ذريعي وچ ايشيا ۾ پنهنجو پاڻ کي ويتر مضبوط ڪرڻ آهي.

هي پهريون ڀيرو آهي جو نوڪرين واري بحران جي ڪري اولهه جي هنيل پابندين سبب روس، چين جي معاشي ۽ جاغرافيائي توڙي سياسي مفادن لاءِ گنجائش فراهم ڪري رهي آهي. سن 2014ع کان وٺي ٻنهي ملڪن اربين ڊالرن جي لاڳت وارا هاءِ پروفائيل معاشي ۽ واپاري معاهدا ڪيا آهن، جيڪي سندن ويجهن هاڻي لاڳاپن جو ثبوت به آهن. روس جي صدر ولادمير پيوٽن هن فورم کي استعمال ڪندي فقط ۽ فقط پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پتوڙڻ تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن تي ڇتي تنقيد ڪئي.

يقيني طور چين ”اوبور“ ۾ شامل چين، پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کي مکيه منصوبو سمجهي ٿو. اربين ڊالرن واري هن منصوبي پاڪ، چين دوستي کي نئون رُخ ڏئي ڇڏيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ گذريل پنجن ڏهاڪن کان جيڪي نج دفاع ۽ سلامتيءَ وارو ناتو هو، تنهن کي هاڻي پاڪستان جي سلامتي ۽ ان جي نئين اڀرندڙ معيشت بابت سندس ڳڻتين ۽ خدشن کي به ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان جي جاغرافيائي بيهڪ کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته اهو هن منصوبي جي لنگهن لاءِ اهم ساٿي طور ڪردار نڀائي سگهي ٿو. هڪ هن کنڊ ۾ پورو ايشين شاهراهه اقتصادي بيلٽ ۽ ٻيو ڏکڻ، اوڀر ايشيائي سامونڊي شاهراهه ريشم.

جيتوڻيڪ چين جاغرافيائي، دفاعي مقصد هئڻ کان انڪار ڪري ٿو پر سي پيڪ، اقتصادي ترقيءَ لاءِ سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ واسطي چين جي عالمي توسيح واري ڪوشش جي نمائندگي ڪري ٿو. انهن جي دفاعي تعاون کان قطع نظر پاڪستان ۾ موجود دهشت گرديءَ جون پناهه گاهون چين لاءِ هميشه ڳڻتيءَ جو ڪارڻ رهيون آهن. خاص ڪري چين مڊانيءَ جي ور چڙهيل علائقي زن جيانگ جي صورتحال ۽ پاڪستان جي استحڪامَ لاءِ خطرو بڻيل مذهبي شدت پسنديءَ بابت خدشن ئي چين کي معاشي ترقيءَ ذريعي سلامتيءَ جي حصول تي اتساهيو آهي.

چين ۽ پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي اتحاد علائقائي جاغرافيائي خامين کي به وائکو ڪيو آهي. اندازي موجب ڀارت هن منصوبي تي پنهنجي سنجيده ڳڻتين جو جواز ڄاڻائي هن فورم جو بائيڪاٽ ڪيو، خاص ڪري گلگت بلتستان ۾ چين جي فنڊن ذريعي ٿيندڙ ترقيءَ تي اعتراض واريو، جنهن کي ڪشمير تڪرار سان ڳنڍيو ويو. ڀارت ٻيو عذر اهو ڄاڻايو ته ٽن خطن جي هن منصوبي لاءِ وڏي پيماني تي صلاح مشورن جي ضرورت آهي.

جاغرافيائي سياسي دشمني ۽ ڳچ عرصي کان حل طلب سرحدي تڪرار باوجود ڀارت ۽ چين جو واپار وڌندو رهيو آهي، جيڪو هڪ سئو ارب ڊالرن جي سطح کان به مٿي چڙهي ويو آهي، پر وڏي آباديءَ وارن هنن ٻنهي ملڪن ۾ ڀارت ۽ آمريڪا جي ناتن ۾ مضبوطي اچڻ کانپوءِ ڇڪتاڻ زورن تي آيل نظر اچي ٿي. ڏکڻ چيني سمنڊ واري معاملي تي ڀارت کليل نموني آمريڪا سان گڏ بيٺل آهي ۽ جاپان وري چين جي خلاف آهي.

بهرحال هن سربراهي اجلاس جي ڪاميابي ڀارت کي تپائي ڇڏيو آهي ۽ هن ان تي سخت ردعمل ڏيکاريو آهي. ايتري تائين جو ڪجهه مشهور تجزيي نگارن ته اوبور واري منصوبي جي راهه ۾ سخت رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت جي نامياري ليکڪ شميم ساران لکيو آهي ته ان جي قطعي نظر سي پيڪ (جيڪا اوبور منصوبي جي دل  آهي) سا ڀارت جي علائقائي سلامتيءَ لاءِ ايئن ئي خطرو آهي، جيئن 1961ع کان ان کي اڻ ڏٺل خطرو لڳل رهيو آهي. انهن شڪن ۽ شهبن جي باوجود اوبور هڪ نئين سياسي معاشي حقيقت آهي جيڪا اڀرندڙ نئين سماجي معاهدي جي نمائندگي ڪري ٿي. ان عمل کي پٺتي نه ٿو ڪري سگهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

”پڪچر“ اڃان باقي آهي..!

مهتاب اڪبر راشدي                          پوين ٻن ٽن هفتن ۾ پاڪستان ۾ سياسي معاملا ڪافي تڪڙا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي