24 اربع , مئي 2017

تعليمي ۽ سماجي خدمتن جو نرالو نالو : بشير احمد سومرو

سارنگ منير سومرو   

                         مونکي استاد جي عظمت جو اهو منفرد مثال هميشه ياد رهندو آهي جڏهن رستم کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ بس کي فيضو لاڙي وٽ هٿياربندن روڪي ڦر ڪري رهيا هئا ته هٿياربندن جي اوچتو ان بس ۾ ويٺل هڪ استاد سائين بشير احمد سومري تي  تي نظر پئجي وئي هئي ته هٿياربندن هڪ دم هٿيارن جا منهن هيٺ ڪري ان استاد جي پيرن تي ڪري ان کان معافي ورتي هئي ته اوهان اسان جي ٻارن جا استاد آهيو، اسان ڀلي ڌاڙيل ڇو نه هجون پر جڏهن اسان جي نظر ڪنهن نياڻي يا استاد تي پوندي آهي ته اسان جا هٿيار اسان جو ساٿ ڇڏي ويندا آهن، ڀلي اسان جي سنڌ جي حالتن اسان جي ڌرتي ڌڻين کي هٿيار کڻڻ تي مجبور ڇو نه ڪيو هجي پر ان واقعي کان پوءِ سنڌ ڌرتي وري به ورجائي ٿي ته سنڌ ۾ اخلاقيات جا وارث اڃا زندهه آهن سنڌ ۾ عزتن جا محافظ اڃان مئا نه آهن جيستائين سنڌ ۾ هڪ  به اهڙو وجود جو وجود رهندو تيسيتائين سنڌ ۾ اخلاقي قدر جو قد اونچو رهندو، ادب اخلاقيات ۽ مهمان نوازيءَ ۾ پنهنجو شان هميشه مٿي رکندڙ سنڌ ۾ هزارين اهڙا ڪردار آهن جن سنڌ کي اهڙي ماکيءَ جهڙي مٺي تعارف جوڙڻ ۾ هٿ ونڊايو آهي، انهن ۾ شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمود آباغ جو وڏو ڪردار سائين بشير احمد سومرو به آهي استادي پيشي کي اڌ زندگي ڏيندڙ سائين بشير احمد سومرو باقي اڌ زندگي انهن ڳوٺ واسين کي ڏني جن جي ڏک سور ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو، تمام وڏي ذميداري هوندي به هڪ استاد ۽ پگهاردار ٿيڻ تي فخر محسوس ڪندڙ سائين بشير احمد سومرو تعليم جي ميدان ۾ اڳ کان اڳ رهيو،

هن جو چوڻ هو ته معاشري جي خدمت جا ٻه وڏا ميدان آهن هڪ تعيلم ٻيو غريب ۽ ڏکويل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ انهن ٻنهي ميدانن ۾ سائين بشير احمد پاڻ ڀرپور نڀايو 32 سال تعليم سان لاڳاپيل سائين بشير احمد سومرو هاءِ اسڪول چڪ هاءِ اسڪول باگڙجي  ۾ استاد رهيو پوري زندگي سادگي سچ ۽ محبتن سان نيهن نڀائيندڙ سائين بشير احمد سومرو پوري زندگي عوامي خدمتن ۾ مصروف رهيو بهترين انسان بهترين استاد بهترين مهمان نواز طور پوري تر ۾ پنهنجو تعارف جوڙيندڙ سائين بشير احمد پوري تر ۾ مهمان نواز ۽ اوطاقي طور مشهور هو، هن جي اوطاق تان اڄ تائين ڪو به مهمان کالي پيٽ ڪونه ويو، اهو سنڌ جو پراڻو تعارف آهي ته سنڌ جا ڳوٺاڻا ماڻهو پنهنجي اوطاق ۽ گهر آڏو مهمان يا مسافر خالي پيٽ گذري وڃڻ پنهنجي شان جي خلاف سمجهندا آهن سائين بشير احمد به انهن ماڻهن مان هڪ هو هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته رات جو هڪ بجي کانپوءِ هن جي اوطاق تي 50 کان مٿي مسافر مهمان آيا جن چيو ته اسان کي صرف رات ترسايو وڃي جيئن صبح جو اسان منزل طرف وڃي سگهون، سائين بشير احمد انهي اڌ رات گهر وارن کي به نه اٿاريو هن پنهنجي هڪ ڀاءُ کي اٿاري ٻڌايو ته مهمان آيا آهن جي اهي کالي پيٽ سمهندا ته اسان کي به ننڊ نه ايندي ڇو نه پاڻ ٻئي اڪيلا انهن جي ماني تيار ڪيون انهن ٻنهي ڀائرن رات جو ٻين وڳي انهن کي ماني پچائي پيش ڪئي ۽ پوءِ هو سڪون سان سمهيا ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهمان نوازيءَ ۾ پوري سنڌ جا مثال پوري دنيا ۾ ڏنا ويندا آهن، لاتعداد خوبين سان سڃاتو ويندڙ سائين بشير احمد سومرو سياست جو حصو نه رهيو هن پوري زندگي جنيد احمد سومري سان گڏجي سياست ڪئي، هن ڪڏهن به سياست ۾ سودي بازيءَ جو سوچو به نه هن جا سينيٽر ڊاڪٽر عبدالقيوم سومري، الاهي بخش سومري، ڊاڪٽر يونس سومري، الطاف خان ڀيو، ويجها سياسي ۽ ساٿي چيا وڃن ٿا، پنهنجي زندگي جي سياسي سفر ۾ هزارين فيصلا ۽ هزارين ماڻهن ۾ ٺاهه ڪرائي محبت ۽ ڀائيچاري کي قائم رکندڙ سائين بشير احمد سومري پنهجي راڄ جو وڏو ۽ پڳدار هجڻ باوجود ڪڏهن ڪنهن سان تيز آواز ۾ به نه ڳالهايو هو هن پنههنجي ڳوٺ  ۾محبت جي اها فضا قائم رکي جنهن جو کٽيو ڳوٺ وارا اڄ تائين کائيندا پيا اچن ٿا 12 جنوري 1446 ۾ جنم وٺندڙ سائين بشير احمد سومرو اسان کان 19 مئي 2013 تي اسان کان وڇڙي ويو سائين بشير احمد سومرو هڪ استاد جي روپ ۾ معاشري جو سهارو هو هو هڪ انسان جي روپ ۾ غريب ۽ بي سهارن جو ويساهه هو هو هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پوري علائقي جي جياپو هو جنهن هر مک کي جياريو پر هو پاڻ اسان کان تمام جلد جدا ٿي ويو، اهڙا استاد اهڙا انسان اهڙا سماجي اڳواڻ نصيبن وارن کي ملندا آهن، جيڪي معاشري جي جياپي جي لاءِ وڏي سگهه هوندا آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي